جمهوريت جو روح مجروح ٿيو: شهباز ۽ سراج الحق جي تنقيد

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ ۽ جماعت اسلامي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ جمهوريت جي روح کي مجروح ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته حڪمران پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، گڏيل اجلاس کي ملڪي تاريخ جو بدتر تصور ڪيو ويندو، هن چيو ته ڇا حڪومت ڌانڌلي جي نظام جي ڪوشش ڪري پاڻ کي عوام جي غضب کان بچائي سگهندي؟ ٻي پاسي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت 7/ 8 ووٽن جي اڪثريت سان سڄي نظام کي بلڊوز ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته عوام جو ڪنهن کي به فڪر ناهي، ايوان ۾ پنهنجن مفادن جي ويڙهه هوندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.