حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت جاچ آفيسرن جي رپورٽن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي گهرو وزارت کان رپورٽ ۽ سفري دستاويز طلب ڪري ورتا آهن، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت جاچ آفيسرن جي رپورٽس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت وفاقي گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪندي ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين کان جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت لاپتا شهرين جا سفري دستاويز به طلب ڪندي جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت چيو آهي ته ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جديد دور ۾ ٽيڪنالوجي ۽ ماڊرن ڊوائيسز جي مدد سان شهرين جو پتو لڳايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.