29 بل پاس،حڪومت جون من مانيون ۽ ورهايل مخالف ڌر

تحرير؛مظهر خاصخيلي

تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ سندس اتحادين پاران  گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اڪثريت 221 جي اڪثريت سان  سينٽ پاران رد ڪيل بلن سوڌو29 جي لڳ ڀڳ  بل منظورڪرائي ڇڏيا. اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪري ڇڏيون ترميمون رد ٿيڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعونه ملڻ تي بلاول ڀٽوزرداري ۽ شهبازشريف سميت اپوزيشن ميمبرواڪ آئوٽ ڪري هليا ويا حڪومت ڪلڀوشن کي نظر ثاني اپيل جو حق ڏيڻ ۽ چونڊ سڌارن سميت 29 بل منظور ڪري ورتا.

هيءُ جيڪو ڪجهه گڏيل اجلاس ۾ ٿيو ۽ جهڙي نموني سان مخالف ڌر جي سمورن پارٽين گڏيل اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو ان کان پوءِ وري حڪومت جماعت اپوزيشن جي غيرموجودگي جو فائدو وٺندي حڪومت  پنهجا بل منظور ڪرائي ورتا آهن .هيءُ حال اسان جي قومي ۽ سينٽ جي گڏيل ايوانن جو آهي .جيڪي بل پاس ڪرايا ويا آهن اهي صحيح آهن يا وري غلط ان جو فيصلو اسان ايندڙ وقت تي ٿا ڇڏيون ڇو ته تاريخ هميشه پنهنجا فيصلا ٻڌايا آهن پوءِ انهن ۾ ڪجهه دير ضرور لڳي آهي.ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇن ٿا ته جڏهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جو تعداد 219 ۽ حڪومت جماعت جي اتحادين جو تعداد222  آهي 16  ووٽن مخالف ڌر جي جماعتن جا ايوان ۾ نه آيا جڏهن ته گڏيل اجلاس ۾  حڪومت پنهنجا بل 221 ووٽن جي اڪثريت سان پاس ڪرائي وئي ڇو ته آئين موجب پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان 221 جي ووٽن سان جيڪي بل پاس ڪيا ويندا انهن کي آئيني حيثيت هوندي اهڙي ڳالهه ميڊيا تي اچي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو به ڪئي آهي . جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته گڏيل پارليا مينٽ جي اجلاس ۾ حڪومت اسان جي ڳڻپ موجب پنهنجا 4 ووٽ وڌيڪ ڳڻپ ۾ شامل ڪري 217 آيل ايوان اندر ميمبرن جي انگ اکر تي 221 ظاهر ڪري بل پاس ڪرايا آهن جن کي هر فورم تي چيلينج ڪندا سين اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي . يا وري غلط ان کي ثابت ڪرڻ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پارٽين جو معاملو آهي باقي. ويچاري عوام کي ڪير سمجهائي ته هن ملڪ اندر هميشه ايوانن کي سگهاري ڌرين پنهنجي آڱر جي اشاري سان هلايو آهي.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جهڙي نموني سان سينٽ جي ايوان اندر مخالف ڌر جي ميمبرن جو تعداد 57 آهي .جڏهن ته حڪومت جماعت ۽ ان جي اتحادين جو سينٽ اندر تعداد 42 هجڻ جي باوجود سينٽ جو چيئرمين حڪومت پنهنجو چونڊرائي وئي ۽ ان تي مخالف  ڌر جي پارٽين ڪجهه به نه ڪيو ان ڪري موجودهه تحريڪ انصاف جي حڪومت مٿان جنهن وقت تائين سگهارين ڌرين جو هٿ آهي. ان وقت تائين کين ڪير ڪجهه نٿو ڪري سگهي ۽ اهي ساڳيون ڌريون آهن جن مخالف ڌر جي چونڊيل نمائدن کي ايوان اندر اچڻ کان جهلي ڇڏيو جاوري ڪڏهن ووٽ پنهنجي مرضي موجب وجهرايو آهي.باقي هن ملڪ جي عوام جي بدقسمتي اها آهي.ته هتي جيڪا حڪومت ايندي آ هي.اها صرف گذريل حڪومتن کي سمورن مسئلن جو ذميوار سڏيندي آهي.اهڙو عمل موجود تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ موجود وزير اعظم عمران خان ٻن سالن کان هن ملڪ جي سموري خراب صورت حال ۽ معشيت جو ذميوار اڳين حڪومتن کي سڏي ٿو جڏهن ته سچ اهو آهي ته سندس حڪومت گزريل ٽن سالن اندر هن ملڪ اندر ڪنهن به اداري ۾ ڪنهن به قسم جا سڌارا ناهي آڻي سگهي جنهن جي ڪري ملڪ جي معشيت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي .

جهڙي نموني سان تحريڪ انصاف جي موجودهه حڪومت پنهنجي اتحادين سان ملي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس مان لاڳيتا 29بل پاس ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ مخالف ڌر جون سموريون ترميمون رد ڪري ڇڏيون آهي اهڙي صورت حال کان پوءِ هاڻي ڏسجي ته مخالف ڌرجون پارٽيون موجودهه تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ايندڙ حڪمت عمليون ڪهڙيون ٿي جوڙي ۽ ڏسجي ته مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت يا وري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خلاف بي اعتماد جي آڻي ٿي يا نه اهو سڀ ڪجهه مخالف ڌر جي پارٽين پاران هڪ هنڌ گڏ ٿئڻ  کان  پوءِ ڏسي سگهجي ٿو باقي تحريڪ انصاف جي حڪومت جون من مانيون جهڙي طرح ۽ نموني سان ڏينهون ڏينهن وڌي ويون آهن ان مان لڳي ٿو ته سگهارين ڌرين کين ان ڳالهه جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ته مخالف ڌر جي جماعتن کي هو ڪنهن به صورت ۾ گڏ ٿيڻ نه ڏيندا هاڻي ڏسجي ته مخالف ڌرجون جماعتون گڏ ٿيون ٿين اڃان به تحريڪ انصاف جي حڪومت جون وڌيڪ من مانيون ٿيون برداشت ڪن

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.