هڪ ڪروڙ 80 لک ايڪڙ زمين غيرآباد هجڻ جو ذميوار وفاق آهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت 1 ڪروڙ 80 لک ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد هجڻ جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته پنجاب ۾ پاڻي ذخيرن جا نوان منصوبا اڏڻ سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙو هڻڻ جي سازش آهي، سنڌ کي آبي معاهدي تحت حصي جو پاڻي نه پيو ملي،پاڻي قلت سبب ڪيترن ئي ضلعن جي زرعي زمين بنجر ٿي چڪي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت سان گڏ ماحوليات به متاثر ٿئي ٿي، جيڪو ٽريڪٽر 3 سال پهريان 14 لک جو هو اهو اڄ 29 لک ۽ ڊي اي پي ڀاڻ 2400 مان 9 هزار جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.