ن ليگ،وڪيلن پاران صحافين جي لانگ مارچ جي حمايت، مطالبا ضرور مڃرائينداسين: صحافي اڳواڻ

اسلام آباد (رپورٽ:اقبال ملاح) پاڪستان مسلم ليگ ( ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز پي ايف يو جي لانگ مارچ جي حمايت ڪندي چيو ته صحافين جو لانگ مارچ جڏهن سنڌ مان پنجاب جي حدن اندر داخل ٿيندو ته /پنجاب ۾ مريم نواز ۽ نوازشريف جا ساٿي لانگ مارچ ۾ گڏ هوندا ان موقعي تي هن هي نعرو هنيو "گرتي هئي ديوار ڪو خوف ڪي ديوار ڪو ايڪ ملڪ جي ناميارن صحافين پي ايف يو جي اظهار راءِ جي ازادي ۽ صحافين جي مطالبن جي مڃتا واري تحريڪ جي حمايت ڪئي آهي حامد مير  ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته حالتون نومبر 2007 کان به وڌيڪ خراب آهن2007 ۾ مون تي رڳو ٽي وي تي ڳالهائڻ تي بندش هئي هاڻ آئون اخبار ۾ لکي به نه ٿو سگهان.  هن چيو ته ايوب جي آمريت وارن ڏينهن ۾ اسانکي پنهنجي دشمن جي خبر هئي پر هاڻ دشمن نامعلوم آهي هن چيو ته ثاقب نثار جي فون ڪال جي ته ڳالهه ٿئي ٿي پر ان ڪال جي به ڳالهه ٿيڻ گهرجي جنهن جي ڪري ميڊيا تي بندشون لڳيون آهن صحافي سليم صافيءَ چيو ته ملڪ  ۾ بحران ئي بحران آهي،پاڪستان بار ڪائونسل جي صدر احسن ڀون پي ايف يو جي تحريڪ جي حمايت ڪندي چيو ته موجود حالتن ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي تحريڪ سمورن جمهوريت پسند ڌرين وڪيلن ۽ صحافين جي گڏيل تحريڪ آهي پي ايف يو جي مرڪزي صدر شهزاده ذوالفقار چيو ته اسان تحريڪ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن 15 نقاطي چارٽر آف ڊمانڊ حڪومت کي ڏئي چڪا آهيون 15 ڏينهن کانپوءِ تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو ٽينٽ ۾ سمهنداسين بک ڏک برداشت ڪري لانگ مارچ ڪري هڪ نئين تاريخ لکنداسين. انساني حقن واري تنظيم ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن حارث خليل صحافتي ڪنونشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ ان حد تائين سينسر شپ آهي جو هتي ماحوليات سرمائيداراڻي جبر سياست ۽ بنيادي انساني حقن تي ڳالهائي نه ٿو سگهجي سيمينار لالا اسد پٺاڻ، لالا رحمان سمون، اقبال ملاح، جي جئي پرڪاش موراڻي، جاني خاصخيلي، ڄام فريد لاکو، جاويد جتوئي، ڪاشف ڦلپوٽو، نصرالله وسير ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.پي ايف يو جي هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪري ڇڏيو ناصر زيدي چيو ته هن بل ذريعي اظهار راءِ جي آزادي کسي پئي وڃي اسان هن ڪاري قانون کي رد ڪيون ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.