دولتپور صفن ۾ شڪار کان منع ڪرڻ تي ايڊووڪيٽ کي ڌمڪيون

دولتپورصفن(ن ع آ)دولتپورصفن جي ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ايڊووڪيٽ محبوب جوکيو جي ذاتي زمين تي اڻڄاتل شڪاري ويگو گاڏي سرڪاري نمبر پليٽ سان هٿيارن سان پکين مٿان فائرنگ ڪندا رهيا ، ايڊووڪيٽ محبوب جوکيو زمين تي پهچڻ بعد شڪارين کان پڇڻ لڳو ته ڪنهن جي چوڻ تي آيا آهيو ۽ اسان جي زمين تي بنا پڇي ڇو پيا شڪار ڪيو ، شڪارين الٽو محبوب جوکيو کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، ڳوٺاڻن جي مداخلت تي شڪاري فرار ٿي ويا ، اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن محمد علي جوکيو ، مرتضىٰ جوکيو ، اعجاز علي جوکيو ، درياخان جوکيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيوته پرڏيهي پکي مهمان ٿي ايندا آهن ۽ الائي ڪٿان کان شڪاري ٿي اچن ٿا ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ پکين مٿان فائرنگ ڪري شڪار ڪن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.