ملڪ کي سيڪيورٽي بدران فلاحي رياست بڻايو وڃي: مالڪ بلوچ

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته ان ڏينهن کان ڊڄو جڏهن آءِ ايم ايف جا فنڊ ختم ٿي وڃن ۽ توهان وٽ ملازمن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ پئسا نه هجن، ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۽ پشتونخواه ۾ ٽن ڏهاڪن کان رتوڇاڻ جو تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪو فائدو ناهي ٿيو، هن چيو ته پاڪستان کي سيڪيورٽي رياست بدران فلاحي رياست بڻائڻ سان ئي اسان تباهي مان نڪري سگهون ٿا، ملڪ ۾ هر هنڌ مهانگائي پير کوڙيا آهن، تعليمي ادارا اذيت خانن ۾ تبديل ڪيا ويا آهن، اي وي ايم ناقابل قبول آهي، چمن،پنجگور ۽ تربت ۾ بارڊر تي ڇڏڻ لاءِ پئسا ورتا پيا وڃن، محمود اچڪزئي چيو ته عمران خان کي هٽائي ڪنهن ٻئي کي آڻڻ سسٽم جو علاج ناهي، ملڪ بچائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن تي مشتمل گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي يا نوازشريف ۽ فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ايراني طرز انقلاب لاءِ عوام کي روڊن تي آندو وڃي، هن چيو ته فوج، ميڊيا، عدليه سميت سڀ ادارا پاڪستان کي ڪمزور پيا ڪن، اکيون کولڻ گهرجن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.