آرمينيا ۽ آذربائيجان ۾ جنگ بندي تي راضپو

رتوڇاڻ جهڙپن کانپوءِ آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ جنگ بندي تي گڏيل راضپو ٿي ويو.

گادي واري هنڌ يريوان کان آرمينيا جي دفاع واري وزارت جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس جي ٽياڪڙي ۾ جنگ بندي تي راضپو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي آرمينيا جي سرحد تي صورتحال بهتر آهي.

ياد رهي ته آذربائيجان ۽ آرمينيا جي فوج جي وچ ۾ جهڙپون ۾ 15 آرمينين فوجي مارجي ويا هئا.

آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ هڪ سال اڳ به شديد فوجي جهڙپون ٿيون هيون ۽ ان وقت به روس ئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.