دولپور صفن: شڪارين جون زمين مالڪ کي ڌمڪيون، موبائل ڦرڻ جي ڪوشش

دولپور صفن ڀرسان زمين تي پکين جو شڪار ڪندڙن کي مالڪ پاران منع ڪرڻ تي شڪاري کيس ڌمڪيون ڏيندا رهيا ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تان موبائل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي.

دولتپورصفن جي ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ايڊووڪيٽ محبوب جوکيو جي ذاتي زمين تي اڻڄاتل شڪاري سرڪاري نمبر پليٽ واري ويگو گاڏي تي آيل شڪاري فائرنگ ڪندا رهيا، زمين مالڪ ايڊووڪيٽ محبوب جوکيو پاران منع ڪرڻ تي شڪاري کيس ڌمڪيون ڏيندا رهيا ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تان موبائل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کانپوءِ شڪاري ڳوٺاڻن جي مداخلت بعد فرار ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.