ٽنڊوغلام حيدر: ٽائون ملازمن جو پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر ۾  ٽائون ملازمن پاران پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڪيمپ جاري رکي وئي.

ملازمن پاران 51 هين ڏينهن به ٽائون ڪميٽي جي گيٽ اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ جاري رکي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن پير عظيم شاھ، ٽائون ملازم طاهر نظاماڻي، معظم نوتڪاڻي ۽ ٻين صحافين جو چوڻ هو ته  ته گذريل 51 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر انتظاميا ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پگهارون جاري نه ٿيڻ سبب فاڪاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون.

هنن چيو ته ظالم انتظاميا پاران پگهارون مان ناجائز ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي،  هن وقت پگهارون بند هجڻ سبب ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن پر اسان سان انصاف نه پيو ٿئي.

هنن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو  نوٽيس وٺي جائز حق ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.