سون جي اگهه ۾ هڪ ئي ڌڪ ۾ وڏي لاٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان سون سستو ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ سون اگهن ۾ وڏي پئماني تي لاٿ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 2850 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 22 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 2444 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 4 هزار 595 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 12 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1862 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.