ٿر ۾ معصومن تي موت جا لامارا، وڌيڪ 5 ٻار فوت

مٺي(بيوروچيف)ٿر ۾ ٻارن جي موت وارن واقعن تي ضابطو اچي نه سگهيو، مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن جنهن کانپوء هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 22 ۽ هلندڙ سال 535 ٿي ويو آھي جڏهن ته 80 کان به وڌيڪ ٻارڙا مٺي سول اسپتال ۾ زير علاج ٻڌايا وڃن ٿا جن ۾ اڪثريت غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن جي ٻڌائي وڃي ٿي ، مٺي سول اسپتال اندر تازو فوت ٿيل 5  ٻارن ۾  3 مهينن جي  جميعت ولد علي محمد ،4 مهينن جو باقي ولد  ابراهيم،  جڏهن ته  صدام رند ۽ حفيظ جا   تازا  ڄاول ٻارڙا شامل آھن، هوڏانهن ٿر ۾ ٻارن جي موت وارن واقعن تي قابو پائڻ لاء سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي سميت مقامي ضلع انتظاميه ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي جڏهن غذائي کوٽ جي خاتمي لاء سنڌ سرڪار جي ڪروڙين روپين واري مختلف اين جي اوز مليل پروجيڪٽس به هيستائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.