منهڙي ۾ درسي ڪتاب وڪرو ٿيڻ جا اطلاع

منهڙو )ن ع آ) منهڙو ۾ تعلقه قاضي احمد جي گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول منهڙو جي اسڪول انتظاميا سرڪار طرفان شاگردن لاء موڪليل قيمتيڪتاب شاگردن کي ڏيڻ بجاء ڪاٻاڙي وارن  کي وڪرو ڪري ڇڏيا ڪاٻاڙي ۾ وڪرو ڪيل قيمتي ڪتاب پڻ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ لاء آيل شاگردن کان لوڊر رڪشا تي لوڊ ڪرايا ويا اسڪول جي هيڊ ماستر محمد رفيق خانزادو ڊيوٽي تي  نه هئڻ سبب اسڪول جي فرسٽ اسسٽنٽ (FA)  استاد عبدالغني ڏاهري رابطو ڪرڻ تي پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ته توھان استادن جي خلاف خبرون نه ھلايو  اگر توھان خبرون ميڊيا تي ھلائيندا ته اسڪول تباھ ٿي ويندو وڌيڪ توھان کي موڪل آھي.

  • ڊائو نيورسٽي مان ملازمن جي برطرفي خلاف اي پي سي

گلشن اقبال  (ن ع آ) پ پ پ شھيد ڀٽو  ضلع اوڀر ڪراچي جي ميزباني هيٺ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ايف بلاڪ ۾ ڊائو ميڊيڪل يونيوسٽي ۽ ھليٿ سينٽر ۾ ملازمن جي جبري برطرفين  توڙي بيقاعدگين خلاف خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پ پ پ شھيد ڀٽو ڊويزنل اڳواڻ غلام نبي گبول،حاجي بگن خاصيخلي،نظير لاشاري،ڪامريڊ سليم راجپوت، ايس يو پي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، مخدوم شمس ،اختر دايو، ع ج پ مرڪزي جي مرڪزي اڳواڻن حريف چانڊيو،غلام قمبر حاجاڻو، لال محمد چانڊيو، پي ٽي آئي اڳواڻن غلام محمد چانڊيو، سيد ارشد شاهه، حفيظ چانڊيو، سنڌ عوامي سٿ اڳواڻ رياض کيمٽيو،ايس اين پي اڳواڻ رمضان بليدي،ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي،عوامي تحريڪ فرحان لاڙڪ،جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، نورالدين جمالي، رضا سيلرو، ڊاڪٽر رؤف مغيري سميت ٻين وڏي انگ ۾ا شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪرپشن عروج تي پهچي وئي آهي صرف سنڌي ملازمن جون جبري برطرفيون ۽ بدليون هڪ وڏي ناانصافي آهي ۔بيمار غريب ۽ مسڪين ماڻھن کي علاج معالج واريون سھولتون فراھم ڪرڻ بجاء ڏينھن و ڏينھن اسپتال جي فيس ۾ واڌ ڪرڻ ظلم آهي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نه صرف ڪراچي جي غريب عام ماڻھن جي صحت جو ادارو آھي بلڪي سنڌ جي ٻين ضلعن جا ھزارين مريض به علاج لاء ھتي اچن ٿا،پر اسپتال جي ڪرپٽ انتظاميه جي غلط پاليسن جي ڪري هاڻ هي ادارو عوام لاء ڪوس گھر بڻيل آھي اعلي اختياريون اداري جي بيقاعدگين جو سخت نوٽيس وٺي سنڌ جي عوام کي صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ کي يقيني بڻائن .

  • ٽنڊي آدم جي اسڪول جو ڊپٽي ڪمشنر پاران دورو

ٽنڊوآدم ( ن ع آ  ) ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ پاران ٽنڊوآدم ۾سر سيد اسڪول جو دورو هيڊماسترپاران مسئلا پيش ڊي سي پاران آر او پلانٽ ۽ سائنس هال ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان رپورٽ موجب  ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه ٽنڊي آدم جي گورنمينٽ سر سيد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو جنهن دوران اسڪول جي هيڊ ماستر سومار چاڪراڻي کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪول ۾ 13سئو شاگردن لاءِ ڪمرن جي کوٽ  آهي وڌيڪ 10 ڪمرن جي ضرورت آهي استادن جون 8 پوسٽون خالي پيل آهن ، پاڻي پيئڻ لائق ناهي ، اسڪول جي گرائونڊ تي قبضا ٿيل آهن چوديواري ننڍي هجڻ سبب ماڻهو ديوار ٽپي ٿا اچن جنهن سبب اسڪول مان چوريون به ٿيون آهن ، ڀرسان ڪالوني هجڻ سبب رهواسين جو اسڪول مان گذر هجڻ سبب تدريسي عمل ۾ مسئلا پيش اچن ٿا . سائنس هال ناهي  ان موقعي تي ڊي سي سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا اسڪول کي آر او پلانٽ ۽ سائنس هال تعمير ڪرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻين مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي مختيارڪار عبدالغفار لاکير . ٽي اي او سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري (ميل) محمد رفيق ٻجورو . ٽي اي او سيڪنڊري (فيميل) گلزار خاصخيلي ، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سانگھڙ جو صدر ايڊوڪيٽ الطاف حسين جوڻيجو به ساڻس گڏ هئا.

  • ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر ڪئمپ ۾ اسڪول ڊاهڻ خلاف احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ آباد ٻوڏ متاثر ڪئمپ ۾ اسڪول کي مسمار ڪري شاگردن جي تعليم ختم ڪرڻ خلاف مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن ايس ٽي پي اڳواڻن مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، محمد رمضان گبول، قادر گبول،گل ابڙو، پير فرخ شاهه سرهندي، محمد علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻوڏ متاثرن سان گڏ ڊاهيل اسڪول جي پلاٽ تي ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو ۽ ايم اين اي سيف الرحمان مسعود خلاف شديد نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي پر ايم اين اي سيف الرحمان مسعود اسڪول جي عمارت کي مسمار ڪرائي پلاٽ کي ريتي بجري جي ڪاروباري استعمال هيٺ آندو آهي اسڪول کي ڊاهڻ کانپوءِ 300 شاگردن توڻي شاگردياڻين جو مستقبل اونداهو ٿي ويو آهي ڪاروبار خاطر ٻارن جي تعليم جو حق کسڻ وڏو ظلم آهي جنهن خلاف آواز اٿارڻ تي ايم اين اي ۽ هن جا واٺا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن وزيراعظم عمران خان پنهنجي ايم اين اي جي تعليم دشمن حرڪت نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.