سکر ۾ وڌندڙ بدامني، جناح ويلفيئر اڳواڻ ٿاڻي پهتا

سکر(رپورٽر) سکر شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي جناح ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر اصلاح الدين شيخ ميلاد المصطفيٰ ڪميٽي سکر جي چيئرمين غياث الدين قادري، انجمن اردو فلاحي جماعت جي محمد امير معاويه صديقي ۽ ٻين سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او منصور عطا سان ملاقات ڪري شهر ۾ وڌندڙ بدامني جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي پوليس کين يقين ڏياريو ته شهر ۾ 24 ڪلاڪ پوليس جا جوان عوام جون خدمتون ڪري رهيا آهن.عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.