اسٽيبلشمينٽ جي بيوسي

تحرير؛اظهر سيد

مٿي تي وزارت اعظميٰ جي ٽوڪري رکي گهٽي گهٽي ۾ آواز ڏنو پيو وڃي  پر ڪو خريدار ئي نه آهي. صورتحال ايتري مزيدار ۽ کل جوڳي آهي جو خريدار مزو پيا وٺن. تورائي اگهه پار پُڇي پوءِ وٺڻ کان پِڙ ڪڍي ٿا بيهي رهن.. ڪڏهن بلاول ڀٽو اگهه پار ڪرائي ٿو  وري انڪار ڪري ٿو ڇڏي.ناهي وٺڻو سودو ناقص آهي.ڪڏهن شهباز شريف خريدار جي حامي ڀري ٿو، وري روڪ ادائيگي جي بجاءِ اوڌر تي اصرار ڪري ٿو.ان ۾ سودو خراب ٿي رهيو آهي.ڪو خريدار ئي نه آهي. بي قدري“ جو اهو عالم آهي جو بي اختيار زبان تي  اها مصرع اچي ٿي وڃي .”اهي ڏينهن پورا ٿيا جڏهن پگهر گلاب هو“

ڪو به وزارت اعظميٰ تي راضي ناهي ۽ مال خراب پيو ٿئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪو اوڌر تي  ته پري رهيو پر مفت ۾ به وٺڻ تي راضي نه ٿيندو.

خريدار چون ٿا . گهڻو مال وڪڻي ورتو . بي پناهه منافعو ڪمائي ورتو. ڦري ئي ورتو ،  ناقص مال مهانگي اگهه تي  وڪڻندا رهيا ۽ سموري اوڙي پاڙي جي ماڻهن جا کيسا ئي خالي ڪري ڇڏيا. ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو.

ڪڏهن حسين شهيد سهروردي ۽ ڪڏهن فاطمه جناح جي غداري وڪي وئي، ڪڏهن ڀُٽي جو طهر وڪيو ويو.ڪڏهن نصرت ڀٽو جون ۽ بي نظير جو تصويرون وڪيون .ڪڏهن جاڳ پنجابي جاڳ تيري پگ نون لگ گيا داغ وڪيا. ڇا ڪجهه نه وڪيو ويو. ڪڏهن ايوب خان جو” شڪريه آمريڪا“ وڪرو ڪيو، ڪڏهن ضياالحق جي مٿي تي رکيل نماز جي ٽوپي وڪرو ڪئي.ڪڏهن مشرف جو هنج ۾ کنيل ڪتو وڪرو ڪري ويا.ڪڏهن مودي جو يار ۽ ڪڏهن آمريڪي سنڍي وڪي.

ڪڏهن مذهب وڪيو ۽ ڪڏهن توهين رسالت جو الزام وڪرو ڪيو ويو، ڪرپشن ۽ بد عنواني  هميشه ڪافي مهانگي وڪي.

عدالتن کي باندي بڻايو ۽ ميڊيا کي پالتو بڻايو،

ڪڏهن جوڻيجو، ڪڏهن شوڪت عزيز ،ڪڏهن معراج  خالد، ڪڏهن معين قريشي ۽ ڪڏهن بلخ شير مزاري ، ڪڏهن جمالي ۽ ڪڏهن چوڌري شجاعت کي وڪيو.

خريدار هاڻي چالاڪ ٿي ويا آهن. خريدار سمجهي ويا آهن ” سودا مُڪ گيا اي“

هاڻي ڪو به خريدار باقي ناهي..” گهليان سنجيان هين ۽ مرزا يار اڪيلا هي،“

خريدار هاڻي تنگ ڪرڻ ،ڇيڙڻ لڳا آهن. خريدار هاڻي مٽي سان وفا جو امتحان وٺڻ لڳا آهن، وقت اچي پيو، ڪجهه باخبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته وقت اچي پهتو آهي فيصلو ٿي ويندو، وطن عزيز آهي يا ضد ۽ انا..

خريدار چون ٿا اسين ته غدار آهيون،مودي  جا يار آهيون،.آمريڪي سنڍي آهيون، توهين مذهب جا قصوروار آهيون. چور آهيون،ڊاڪو آهيون،مني لانڊرنگ ڪندا آهيون،

خريدار چون ٿا ته اسين سمورا الزام قبول ٿا ڪريون.هاڻي اوهان جو وارو آهي، توهان ٻڌايو ،توهان ڇا آهيو ؟ مٽي ڄاوا آهيو ته مٽي سان وفا ثابت ڪريو،خريدار چون ٿا ،منتخب کي  خود آندو هو خود فارغ ڪريو.

خريدار چون ٿا اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي.ادارو عزيز آهي يا چند عهديدارن جو تحفظ . خريدار چون ٿا ڪم پورو ڪريو منتخب کان رڳو اختيار  واپس وٺڻ ڪافي نه آهي ملڪ سان محبت جو ثبوت وڌيڪ ڏيو، جو توهان ته وطن پرست آهيو.توهان حب الوطني جا پهاڙ آهيو.

خريدار چون ٿا اهو توهان جي حب الوطني جو پرچو آهي ڏسڻو اهو اهي فيل ٿا ٿيو يا منتخب کي هلايو يا خود اچي وڃو ۽ غربت ،بک مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري مڇريل  ماڻهن کي سامهون ٿي  منهن ڏيو.

خريدار چون ٿا اسين پنهنجا ڪُلها هميشه ڏيندا آيا آهيون. هاڻي اسين ٿڪجي پيا آهيون.، خريدار هاڻي سودو خريد ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن.نه روڪڙي تي نه ئي اوڌر تي.

وقت تيزي سان گهتجي رهيو آهي، ڪجهه باخبر چون ٿا ته وقت ختم ٿي چڪو آهي.. فيصلي جو وقت اچي نه پيو اچي ويو آهي.اهو وقت به انا ۽ضد ۾ ضايع ڪر ڇڏيو واپس نه ايندو.

عوامي انقلاب جي ديڳڙي رڌجي پئي، ٽي چار هفتا لنگهي ويا ماڻهون بک ۽ بيوسي جي هٿان مجبور ٿي ٻاهر نڪري ايندا. ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه هن وقت تائين وڪڻندا رهياآهيو، ان جو سمورو حساب ڏيڻو پوندو.

فيصلي جي گهڙي اچي پهتي آهي. زمانو قيامت جي چال چلي ويو آهي .

حب الوطني جو پرچو سامهون پيو آهي ۽ وقت ختم ٿي رهيو آهي.پرچو حل نه ڪيو ته وڌيڪ وقت نه ملندو ۽ پرچو ڦريو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.