نوازشريف کي رڳو ساٿ ڏيندڙ جج ۽ جنرل پسند آهن: وفاقي وزير

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي ميمبر عالمگير خان چيو آهي ته سنڌ ۾ وڏيراشاهي نظام آهي، ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي، قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن  چيو ته غربت جو وڏو سبب سنڌ جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ جي چوري آهي،غلام علي ٽالپر چيو آهي ته ڪراچي جي لاءِ ترقياتي فنڊ جاري ڪيا وڃن،پي ٽي آءِ جي خرم شهزاد نواز چيو ته اسان کي پاڪستان جي ادارن ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ، چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ويهي قدم کڻڻا پوندا،امجد علي خان چيو ته جيڪڏهن نواز شريف ڊيل ۽ ڍيل جي چڪر کان ٻاهر نڪري پنهنجون رسيدون جمع ڪرائي ڇڏي ها ته کيس جج جي بيان حلفي جي ضرورت نه پوي ها، جيڪڏهن ماڻهن جو ادارن، عدليه ۽ پارليامينٽ تان اعتماد کڄي ويو ته ملڪ انتشار جو شڪار ٿيندو، جي يو آءِ (ف) جي ميمبر شاهده اختر علي چيو ته چونڊ سڌارا چاهيون ٿا پر اهي صحيح طريقيڪار کي اختيار ڪري ڪيا وڃن،مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نواز شريف کي اهي جج ۽ جرنل پسند آهن جيڪي سندس من پسند فيصلا ڪن ۽ سندس ساٿ ڏين، نواز شريف کي سزا پاناما ليڪس جي بنياد تي ٿي ان ۾ ڪنهن اداري يا عمران خان جو ڪو عمل دخل نه آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.