بائيو گئس تي بسن جو اعلان، وزيراعظم سان دوکو ڪيو ويو: اويس قادر

ڪراچي: ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته بايو گيس تي بسون هلائڻ وڃون پيا. لانڍي ۾ مينهون موجود آهن جن جي ڇيڻن مان بايو گيس پلانٽ لڳايو ويندو ۽ بسون ان گيس تي هلنديون. لانڍي ۾ 20 لک ٽن گيس پيدا ٿي سگهي ٿي اسان جي گهرج 12 لک ٽن گيس آهي، باقي گيس کي اسان وڪرو به ڪري سگهنداسين.سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير اويس قادر شاهه وڌيڪ چيو ته بائيو گئس سبب سبسڊي نه ڏيڻي پوندي، اها سبسڊي فري هوندي،  اها گئس ماحوليات لاءِ پائيدار آهي، ان ۾ 75 سيڪڙو سنڌ سرڪار جو شيئر آهي، هن چيو ته وفاقي وزير وزيراعظم کي سنڌ آڻين ٿا ۽ کيس مامون بڻايو وڃن، وزيراعظم کان ڪي سي آر جي ربن ڪٽرائي وئي، ان ۾ 6 ارب رپيا سنڌ سرڪار جا لڳل آهن، جديد ترين ٽرينون آڻڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڪجهه نه ڪندا، اهو ٻڌايو وڃي ته بي آر ٽي جي ڪهڙي پراجيڪٽ ۾ وفاق شيئر ڏنو آهي، هن چيو ته پئٽرول جو اگهه روزاني وڌي رهيو آهي، هاڻي هڙتال ٿيڻ واري آهي، ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته سنڌ سرڪار پنهنجا پراجيڪٽ آڻي پئي، ايندڙ هفتي وڏو وزير اورنج لائين جي انفرا اسٽڪچر جو افتتاح ڪندو، پراجيڪٽ تي سياست نه ڪئي وڃي، هن چيو ته گرين لائين منصوبو پراڻو آهي، ڊسمبر ۾ جيڪڏهن وزيراعظم کي آڻي افتتاح ڪرائڻو آهي ته ڪرائين.

  • فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي

اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن بابت پنهنجي بيان تي معذرت ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن منهنجي وضاحت کي مثبت انداز ۾ وٺندي. هن چيو ته مان وفاقي وزير جي حيثيت سان جيڪو ڪجهه چوان اهو حڪومت ۽ ڪابينا جي پاليسي آهي، اها منهنجي ذاتي راءِ ناهي. هن چيو ته مون اليڪشن ڪميشن کي چيو ته سڌ سماءَ واري وزير جي حيثيت سان جيڪو به چوان ٿو، وفاقي ڪابينا جي نمائندگي ڪريان ٿو. اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن منهنجي ڳالهين کي مثبت انداز ۾ وٺندي. اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ اختلاف جو وڏو سبب ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين اي وي ايم جو استعمال آهي. اليڪشن ڪميشن اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين تي37 اعتراضن تي سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي نوٽيس اماڻيا هئا.

  • اويڪيو پراپرٽي جون ملڪيتون ڊي ايڇ اي، ايم ڊي اي کي وڪرو ٿيون: وڪيل

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ اقليتن جي حقن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس واري ڪيس تي ٻُڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت سڳوري آڊيٽر جنرل پاڪستان کي ٻن مهينن ۾ ايويڪيو پراپرٽي جي مڪمل آڊٽ جو حڪم ڏيندي ايف آءِ اي کي اويڪيو پراپرٽي بابت آڊيٽر جنرل جي آڊٽ رپورٽ تي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي قرار ڏنو آهي ته ڊي جي ايف آءِ اي اويڪيو پراپرٽي جي سڄي پراپرٽيءَ جي سڄي ملڪيت تي قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪري،ٻُڌڻيءَ دوران اويڪيو پراپرٽي بورڊ جي وڪيل عدالت کي ٻُڌايو ته اويڪيو پراپرٽيز جو مجموعي طور 48 هزار ملڪيتون آهن، ڊي ايڇ اي، ايم ڊي اي ۽ ٻين کي ملڪيتون وِڪرو ڪيون ويون آهن. ٻُڌڻيءَ دوران اقليتي ڪميشن جي سربراهه شعيب سڊل عدالت کي ٻُڌايو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق اويڪيو پراپرٽي جي 7143 يونٽن ۾ بيقاعدگيون ٿيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.