والد جا نوازشريف سان رابطا آهن،لنڊن ۾ ملاقات ٿي: راڻا شميم جو پٽ

اسلام آباد (م ڊ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي پٽ احمد حسن راڻا چيو آهي ته پيءَ جو موقف آهي هو پنهنجي حلفي بيان تي اسٽينڊ ڪري ٿو ۽ هاڻ جواب سان گڏ پيش ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي احمد حسن راڻا چيو ته راڻا شميم جو پٽ به آهيان ۽ هاڻ خوش قسمتي سان ان جو وڪيل به آهيان،  هن چيو ته فيصل واوڊا هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ گهٽ وڌ ۽ اٻهرو ڳالهايو، هن چيو ته راڻا شميم جي پٽ کي نوازيو ويو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل بڻايو، مان ڪڏهن به ايڊووڪيٽ جنرل ناهيان رهيو پر اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته هي معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ وڃڻ گهرجي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.