ناظم جا قاتل ٻيهر رت جي هولي کيڏي سگهن ٿا: افضل جوکيو

ملير )ڊر) ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ملير عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مونکي ۽ /ٻين منهنجي مائٽن کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ان سان گڏ منهنجو ڪيس وڙهندڙ وڪيلن کي به ساڳيون ڌمڪيون ملن پيون، اسان کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هن چيو ته قتل ۾ ملوث جوابدار بااثر آهن ان ڪري سندن ماڻهو مختلف طريقن سان اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان کي بلڪل اهو خطرو آهي ته جوابدار ڌر جا ماڻهو ٻيهر به رت جي هولي کيڏي سگهن ٿا، افضل جوکيو چيو ته مان اهو به واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته شهيد ڀاءُ جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، رت جي آخري ڦڙي تائين انصاف لاءِ وڙهندا رهنداسين، مونکي ڀلي لالچون ڏنيون وڃن پر مان پنهنجي شهيد ڀاءُ ناظم جوکيو جي خون جو سودو نه ڪندس، مونسان سڄي سنڌ گڏ آهي ملير بار جي وڪيلن جو پڻ ٿورائتو آهيان جيڪي هن ڏک جي گهڙي ۾ مونسان گڏ آهن ۽ منهنجي ڀاءُ جي ڪيس وڙهڻ جي عيوض کين موتمار ڌمڪيون به ملي رهيون آهن پر هو بي خوف ٿي قتل جي پيروي ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.