يورپ ۾ هوائي گدلاڻ جي ڪري هر سال 3 لک ماڻهو مرن ٿا

يورپ ۾ هر سال ٽن لکن کان مٿي آبادي هوائي گدلاڻ جي ڪري موت جو کاڄ بڻجي ويندي آهي.

يورپين انوائرومينٽ ايجنسي جي رپورٽ موجب هوا ۾ موجود سنهن ذرڙن جي ڪري ٿيندڙ وقت کان اڳ واري فوتگين ۾ سڄي يورپ ۾ سالياني 10 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. پر هوائي گدلاڻ هاڻي به سالياني 307،000 وقت کان اڳ فوتگين جو سبب بڻجي رهي آهي.

هوائي گدلاڻ يورپ ۾ انساني صحت هاڻي به سڀ کان وڏو ماحولياتي خطرو آهي.

گڏيل قومن جي صحت واري اداري موجب هوائي گدلاڻ سڄي دنيا ۾ سالياني 70 لک وقت کان اڳ فوتگين جو سبب بڻبي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.