ڀارت جو سڀاڻي کان ڪرتاپور راهداري کولڻ جو اعلان

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت طرفان سڀاني کان ڪرتارپور راهداري ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪرتارپور راهداري کولڻ جي تصديق ڪندي چيو ته حڪومت سڀاڻي کان ڪرتارپور راهداري کي ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم نريندر مودي جو اهو وڏو فيصلو آهي.

اميت شاهه جو چوڻ هو ته اهڙي فيصلي سان وڏي انگ ۾ سِک ياترين کي فائدو پهچندو، فيصلو مودي سرڪار جي شري گرو نانڪ ۽ اسان جي سِک برادري سان بي پناهه عقيدت کي ظاهر ڪري ٿو.

هن چيو ته قوم 19 نومبر تي شري گرو نانڪ ديو جي جي ڄمڻ جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ تيار آهي، اميد آهي ته اهو فيصلو سڄي ملڪ ۾ خوشي کي وڌيڪ وڌائيندو.

واضح رهي ته سڀاڻي کان ڀارتي سک ياتري سکن جي مذهبي پيشوا بابا گرو نانڪ ديوجي جو 552 هون يوم پيدائش ملهائڻ جي لاءِ پاڪستان اچي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.