سلطان ڪوٽ ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڀاءٌ ڀيڻ زخمي

سلطان ڪوٽ (ن ع آ)  سلطان ڪوٽ لڳ کوسا ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن جي پراڻي الزام تان جھيڙو لٺيون سروٽا لڳڻ سبب ڀاء ۽ ڀيڻ زخمي ٻنھي ڌرين جو جديد ھٿيارن سان ھڪ ٻئي جي ڳوٺن تي فائرنگ علائقي ۾ فائرنگ سبب خوف و ھراس ڇائجي ويو ڀٽي برادري جي ڳوٺاڻن الزام لڳايو آهي ته کوسا برادري جي ماڻھن اسان جي ڳوٺ قابل ڀٽي تي ھٿيارن سان حملو ۽ فائرنگ ڪري ڏني آهي جنهن ۾ ڀاء ۽ ڀيڻ 15سالن جو اظھر ۽ عذرا ڌئ رستم ڀٽي زخمي ٿي پيا آهن وڌيڪ ھنن چيو ته جھان واھ ٿاڻي جي پوليس بااثرن سان ملي ڪري اسان جي ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪرائي رھيا آهن ڪارنھن جو الزام ڪوڙو آهي ايس ايس پي شڪارپور اھڙي واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن ڳوٺ ۾ چوٻول ھلندڙ آهن ته کوسا برادري ڀٽي برادري مٿان ڪارنھن جو الزام لڳايو آهي جنهن جو مسئلو ھلندڙ آهي فيصلو نه ڏيڻ تي کوسا برادري جي ماڻهن ڀٽي برادي جي ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪئي آهي ايس ايڇ او جھان صديق شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان  شڪارپور ڪورٽ حاضر تي ويل  آھيان باقي جھان واھ پوليس پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رھيان آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.