خورشيد شاهه جو پٽ فرخ شاهه به آزاد، جيالن جون جهمريون

سکر(رپورٽر) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمدشاهه جو فرزند ۽ رڪن سنڌ اسيمبلي سيد فرخ شاهه کي سکر جي احتساب عدالت پاران سندس رهائي وارو آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ سيد فرخ شاهه وڏي ريلي ساڻ جيل کان گهر طرف روانو ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ سيد فرخ شاهه جي وڪيل محفوظ اعواڻ مطابق ٻه ڏينهن اڳ احتساب عدالت پاران ايم پي اي فرخ شاهه جي هڪ ڪروڙ روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي هئي، جنهن کي اڄ احتساب عدالت جي رهائي واري آرڊر بعد آزاد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سيد فرخ شاهه کي پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه واري ريفرنس ۾ شامل هجڻ سبب گرفتار ڪيو ويو هو جيڪو 5 مهينا 3 ڏينهن کان سکر جي سينٽرل جيل ۾ قيد هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.