ارڙي ۽ روبيلا بابت جواب طلب، توهين عدالت بابت فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ ارڙي ۽روبيلا وبا تي ضابطو نه آڻڻ جي حوالي سان توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ صحت کاتي جو سيڪريٽري ذوالفقار شاهه پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ۾ ارڙي ۽ روبيلا جي لاءِ 12ڏينهن جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ٻارڙن کي وبا کان بچاءُ لاءِ ويڪسين ڪئي ويندي، عدالت سيڪريٽري صحت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو  ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، درخواست گذار ايڊووڪيٽ محمد واوڊا چيو ته ارڙي ۽ روبيلا موتمار بيماري آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 2014ع کان هي بيماري موجود آهي، پوليو سان گڏ ان جو علاج ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.