سنڌ اسيمبلي ۾ ناظم جوکئي ۽ فهميده سيال جي قتلن بابت ڳالهائڻ تي بندش، گوڙ

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ ناظم جوکئي ۽ فهميده سيال قتل تي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ نصرت سحر عباسي کي روڪڻ تي  ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان سوا 3 وڳي شروع ٿيو. اجلاس شروع ٿيندي ئي سرڪاري ڌر ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ناظم جوکئي ۽ فهميده سيال جي  لاءِ  دعا گهرائي، ان کانسواءِ سائنسدان ۽سياستدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان، عمر شريف، سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي سيڪريٽري هادي بخش ٻرڙي جي وفات،  لاهور ۾ اهلڪارن جي مارجڻ سميت ٻين واقعن تي مرحومن لاءِ دعا گهرائي وئي، مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ناظم جوکئي ۽ فهميده سيال جي بي رحماڻي قتل تي ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري بئنچن تي ويٺل ماڻهن کي پيا مارائين، ناظم جوکئي لاءِ ايوان ۾ دعا گهرائيندڙ ناظم جي لاش جي مالڪي ڪن ها، سندس لاش اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پيل رهيو، مون وڃي مالڪي ڪئي، ناظم جي سموري جسم تي تشدد جا نشان هئا، فهميده سيال گوليون هلائڻ کان روڪڻ لاءِ قرآن کڻي سامهون آئي ته پاڪ ڪتاب جو به خيال نه ڪيو ويو ۽ سڌيون گوليون هلائي کيس ماريو ويو.  حليم عادل شيخ مطالبو ڪيو ته واقعن ۾ ملوث حڪومتي ايم پي ايز کان استيفيٰ ڏياري کين سزا ڏني وڃي. ان دوران پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار سيٽ تي بيهي اعتراض واريو ته صرف دعا گهرائي وڃي، تقرير نه ٿيڻ گهرجي، هي سنڌ ۾ واقعن تي دعا گهرائين ٿا پر کين لاهور واقعي ۽ وفاق خلاف به دعا گهرائڻ گهرجي ۽ اتان جي چونڊيل نمائندن جي استعيفيٰ جو به مطالبو ڪيو وڃي،  ان تي ايوان ۾ سرڪاري ڌر ۽  مخالف ڌر وچ ۾ گرما گرمي ٿي وئي، مخالف ڌر جا ميمبر ناظم جوکئي سان انصاف لاءِ بينر کڻي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪندا رهيا، ان کان اڳ جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي ناظم جوکئي ۽ فهميده سيال  جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ان کانسواءِ دعا ڪئي وڃي ته قاتل نيست ۽ نابود ٿي وڃن، ان دورا ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري کيس هدايت ڪئي ته هو صرف دعا ڪرائي تقرير نه ڪري ان بعد نصرت سحر عباسي جو مائيڪ بند ڪيو ويو، جنهن بعد پ پ جي سيمي سومرو پنجاب ۾ 4 اهلڪارن جي شهادت تي دعا گهرائيندي چيو ته سنڌ ۾ ظلم تي ڳالهائيندڙن کي پنجاب  ۾ به ظلم تي ڳالهائڻ گهرجي. 03

  • گپچاڻي ۾ شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش

گپچاڻي ( ن ع آ ) گپچاڻي ۾ جسقم اڳواڻ سلطان سنڌي ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالقدير گپچاڻي ايڊووڪيٽ اسد علي منصور علي ۽ ٻين شھيد ناظم جوکيو ۽ ايس ٽي اڳواڻ شھيد الطاف حسين جسڪاڻي جي تصويرن آڏو ميڻ بتيون ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي هنن چيو ته شھيد ناظم جوکيو کي جاگيردارن اذيتون ڏيئي کين قتل ڪيو هو هڪ انقلابي نوجوان هو ناظم سنڌ جي فرسوده نظام خلاف اٿي کڙو ٿيوکيس کي شھيد ڪيو ويو

  • ”سرداري نظام مان ڇوٽڪارو  ضروري“ مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ريلي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) عوامي آواز ميڊيا جي سڏ تي قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر پاران ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“جي عنوان هيٺ مٺي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي،وڪيل شاهنواز هنڱورجو،سبحان بجير،آتم راٺوڙ،پرشوتم پرمار،مريم ناز،وزير سميجو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي ويئي،جنهن کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ  ڪنهن جي جاگير ناهي،پير مير وڏيرا غريب عوام کان ووٽ وٺي سندن ووٽن تي اقتدار ۾ اچي سنڌين جو بيگناھ قتل ڪن ٿا اهو عمل ناقابل برداشت آهي،عوامي آواز سرداري نظام خلاف جهاد جو علم بُلند ڪري سنڌ کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي،سنڌي هن مهم جو حصو بڻجن، قومي عوامي تحريڪ هميشه سنڌ جي وڏيرن،ميرن،پيرن،ڀوتارن ۽ سردارن خلاف جدوجهد ڪئي آهي اڄ به ڪري پئي،آفيسن ۾ آفيسر وڏيرن ۽ ڀوتارن کانسواءِ  ڪنهن جي ٻُڌين به نه ٿا،غريب ماڻهو معمولي ڪمن ڪارن لاءِ دربدر آهن، سنڌ جي سردارن ۽ ڀوتارن ڀينگ ڪري ڇڏي آهي،هنن چيو ته هاڻي وقت اچي چُڪو آهي ته وڏيرن ڀوتارن ۽ اُنهن جي پالتو ڪامو

  • شهيد ناظم جوکيو جي وارثن پاران نئين جي آءِ ٽي لاءِ درخواست

 

ملير (ڊ ر) مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ سندس وڪيلن مظهر جوڻيجو، شاهه زمان جوڻيجو پاران گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوڻيجو ۽ سندس وڪيلن موجوده جي آءِ ٽي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري کي نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ درخواست ڏني ۽ چيو ته موجوده جي آءِ ٽي مان اسان کي انصاف ملڻ جي اميد ڪونهي، مقتول جو ڪيس لڙهي ويندو ان ڪري اسان توهان کي نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ اپيل ٿا ڪريون، جنهن ۾ اي آءِ جي تنوير اوڍو، ڊي ايس پي سراج لاشاري، غلام علي جماڻي جهڙا ايماندار پوليس آفيسر ۽ آءِ ايس آءِ، ايف آءِ، آءِ بي ۽ ٻين حساس ادارن جا جاچ ۾ آفيسر شامل ڪيا وڃن، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز چيو ته توهان جي درخواست وزير اعليٰ کي موڪلي ويندي نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه حڪم جاري ڪري سگهي ٿو، ٻئي طرف وفد سي سي پي او ڪراچي عمران يعقوب سان ملاقات ڪري کيس نئين جي آءِ ٽي لاءِ درخواست ڏيڻ سان گڏ سيڪورٽي ڏيڻ بابت به آگاهه ڪيو.

  • ناظم جوکيو ڪيس ۾ اڌ ڪهاڻي لکي وئي: وڪيل پوليس تي بي اعتمادي، جي آءِ ٽي لاءِ درخواست

ڪراچي(رپورٽر) عرب شڪارين کي شڪار کان روڪڻ تان قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جي خاندان پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، ناظم جوکيو جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي افضل جوکيو ڪالهه گهرو سيڪريٽري سان ملاقات ڪري اسسٽنٽ آءِ جي جاويد عالم اوڍو جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي درخواست ڏني،  جنهن ۾ هڪ ڊي ايس پي، هڪ انسپيڪٽر، رينجرز، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ جي ميجر رينڪ جي آفيسرن سان گڏوگڏ آءِ بي ۽ ايف آءِ اي جا آفيسر به شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، گهرو کاتي اهڙي درخواست منظوري لاءِ وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ناظم جي ڀاءُ افضل جو چوڻ آهي ته جاچ پوليس جي نتيجن مان مطمئن نه آهيون، پوليس جيڪي ڪپڙا ۽ موبائيل فون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ان سان به اتفاق نه ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ ته هڪ ته اتي موجود نه هئاسين ٻيو ته جيڪي موبائيل ۽ ڪپڙا سامهون آيا آهن اهي سڙيل آهن، افضل جي وڪيل مظفر جوڻيجو جو چوڻ آهي ته ناظم جي قتل جي ايف آءِ آر به اڌوري لکي وئي آهي، اها به فريادي کي پڙهڻ نه ڏني وئي، چيو ويو ته ڪاربان ڪاپي ڏيون ٿا.وڪيل جو چوڻ آهي ته پوليس ڪرين گهرائي ڊرامو رچايو، ڪپڙن ۽ موبائل جي وارثن کان تصديق نه ڪرائي وئي، پوليس فريادي بدران جوابدارن کي فائدو پهچائي رهي آهي، انڪري جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

  • ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جو قتل دردناڪ آهي: حفيظ بجاراڻي

ڌاٻيجي/ملير(نمائندا)  جماعت اسلامي سنڌ جي وفد صوبائي اڳواڻ مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي جي قيادت ۾ سالار ڳوٺ ملير پهچي شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو سان تعزيت ۽ ڪيس جي اڳڀرائي جي تفصيلات معلوم ڪئي. وفد کيس سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جو پيغام پڻ پهچايو ۽ چيو ته جماعت اسلامي ظلم خلاف ۽ هر مظلوم سان گڏ بيٺل هوندي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالحفيظ بجاراڻي چيو ته ناظم جوکيو  ۽ فهميده سيال جي دردناڪ قتل مان محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ جمهوريت نه بلڪه آمريت جو دور آهي جنهن ڌارين جي دلال وڏيرن کي ايترو ته ڇڙواڳ ڪري ڇڏيو آهي جو هو پهنجي انا خاطرانسان جي جان کي ڪابه اهميت نٿا ڏين.

  • ”ڀوتارڪو نظام نه کپي“ اسلام ڪوٽ ۾ ريلي

اسلام ڪوٽ(ت ر)”ڀوتارڪو نظام نه کپي“اسلام ڪوٽ ۾ ٿر سماجي تحريڪ پاران ريلي،مظاهرو،سرداري نظام نامنظور جا نعرا،ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻن عبدالعزيز  قادري،رسول بخش سمون،فتح محمد سمون،امير حسن راهمون،ديدار لنجو،نصير نون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿر سماجي تحريڪ جي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهري ڪري سرداري نظام خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي،جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف عوامي آواز هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو جيڪو سڏ ڏنو آهي،سڄي سنڌ کي ساٿ ڏيڻ گُهرجي،عوامي آواز هميشه ڌرتي جي ماڻهن جي وارثي ڪئي آهي،اسان اڄ سجاڳ نه ٿياسين ته اُن جو نقصان ايندڙ نسل ڀوڳيندو،سرداري ۽ وڏيرڪي نظام اسان کان تعليم ۽ شعور کسي ورتو آهي،هنن چيو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ بعد پنهنجن ماڻهن جي مالڪي بدران اُنهن کي قتل ڪرائين ته پوءِ بچيو ڇا آهي،اُنهي ڪري هاڻي اليڪشن ۾ سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ گهرجي،پنهنجي ووٽ جو صحيح حق استعمال ڪجي،جن ڀوتارن کي آزمائي چُڪا آهيو اُنهن کي رد ڪرڻو پوندو،اڄ عوامي آواز جي هن نعري هيٺ سموري سنڌ گڏ آهي،اسان سرداري نظام کي مڪمل رد ٿا ڪيون ۽ عوامي آواز جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي ڏهاڙو سرداري نظام کان ڇوٽڪاري جي عنوان هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪيون ٿا،

  • سرداري نظام خلاف ڪورنگي ۾ريلي

ڪورنگي (رپورٽ: اميرجان چانڊيو ) ڪورنگي جي ساڃاهه وندن پاران عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندي سرداري نظام خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي  ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ امر کروڙ . جيئي سنڌ قومي پارٽي جي شاهد سومرو. قومي عوامي تحريڪ جي حسين سنڌي. سنڌ سجاڳي فورم جي ياسين جهلڻ  ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام هميشه مظلوم ۽ محڪوم عوام کي پيڙهيندو رهيو آهي ،هنن چيو ته عوام اندر سرداري نظام خلاف نفرت پيدا ٿي وئي آهي هنن چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ جيڪا سرداري نظام جي خاتمي لاءِ چڻنگ ٻاري آهي اها عوامي طاقت سان  شعلو بڻجي سردارن ڀوتارن کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيندي.

  • ڪيو اي ٽي  پاران سرداري نظام خلاف 29 نومبر کان 5 ڊسمبر تائين ريلين،بک هڙتال جو اعلان

حيدرآباد( رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ  سنڌي ۾ سرداري ، وڏيراشاهي ۽ جاگيرداريءَ خلاف 29 نومبر کان 5 ڊسمڀر تائين ريلين , بک هڙتال , مظاهرن ۽ عوامي ميڙاڪن جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي ڪنوينشن، تعليمي ڪانفرنس ۽ پنهنجي، 52هين جنم ڏينهن جي موقعي تي خطاب ڪندي  چيو ته سنڌ ۾ ھن وقت ماڻھو وڏيرا شاهي، جاگيداري ۽ سرداري نظام جي خلاف بيدار پيا ٿين پر اھو صرف عارضي ڀڙڪو نه ھئڻ گھرجي پر اھو مستقل مزاجي وارو مچ ھئڻ کپي ڪاٺين جي صورت ۾ اھو جذبن جي، جدوجھد جي، پورھئي جي ۽ مستقل مزاجي وارو ڪاٺين جي ٻارڻ جي صورت ۾ اهو مچ مچائي رکڻو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ جيئن ڪو نئون مسئلو پيدا ٿيندو آھي ته پراڻو ختم ٿي ويندو آهي،اسان کي سرداري نظام، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي خلاف ھڪ زبردست مچ ٻاري رکڻو آهي جيڪو ان نظام کي تحس نحس ڪري ۽ اھو مچ بيڊ گورننس،  ڪرپشن، ميرٽ جي تباھي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ھجي.

  • سنڌ ۾ امن تباهه، سردار ماڻهو پيا مارين: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويئي آهي 16 ارب جي ڪڻڪ ڪم ڏيکاري ويئي آهي 14 ارب جي ڪڻڪ سرڪاري  ڪوئا کائي ويا آهن ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اٽو مهانگو ملي رهيو آهي سنڌ ۾ هن وقت 75 کان 85روپيا ڪلو اٽو وڪامجي پيو جڏهن ته پنجاب ڪي پي ڪي ۾ اٽو 55 روپيا ڪلو آهي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي سرداري نظام هيٺ ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ اضافو اچي ويو آهي

  • ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل خلاف سنڌ ۾ مظاهرا،ريليون

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) سنڌ جي بهادر نوجوان ناظم جوکيو، سنڌ جي نياڻي فهميده سيال ۽ مقتول نوجوان ارسلان ابڙو جي واقعن خلاف سنڌ ابڙا ويلفيئر ايسوسئيشن ۽ عوامي شهري اتحاد لاڙڪاڻو جي سڏ تي شهر جي سياسي سماجي ۽ شهري تنظيمن جي اڳواڻن سميت مقتول نوجوان ارسلان ابڙو جي وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ج اديب ۽ شاعر محمد رفيق ابڙو، ڊاڪٽر مختيار ابڙو، مقصود ابڙو، تشڪيل ابڙو، حليم ابڙو، مقتول نوجوان ارسلان ابڙو جي پيءُ رفيق احمد ابڙو، چاچي نظير احمد ابڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي ۽ ڀوتارڪي نظام جي ڪري ڪو به شهر، ڳوٺ يا علائقو عتاب کان بچيل ناهي، پڊعيدن۾ شهرين ۽  سول سوسائٽي  فھميده سيال جي قتل ۾ ملوث  ايم پي اي گھنور اسراڻ  ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مولوي برڪت شر،مولوي شفيق قادري،انصاف راڄپر،امداد ڪلهوڙو،آزاد سارنگ بڙدي،رفيق علي سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلوي ڦٽڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت  نعريبازي ڪئي.جسام ۽ سنڌ شھري وليج اتحاد پاران راڌڻ شھر ۾ سنڌ جي شھيدن جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنھن جي صدارت جسام چيئرمين غازي خان سولنگي ڪئي صابر حسين راڌڻ،جنرل سيڪريٽري راجا سولنگي ، پي ٽي آءِاڳواڻ سڪندر علي جوڻيجو ، نديم خانزادو ، شھاب دين جانوري،،اسلم ميراڻي ، ،ستار ميراڻي ، علي شير جوڻيجو، سڪندر ٻگھيو ، محمد عمر ملاح ، نظير بروھي ، نظر علي سولنگي ۔ محمد بچل سولنگي ، غلام مصطفي سولنگي لياقت سولنگي ،لام شبير منگي ، راشد سولنگي ، اقبال سومرو ، گلڻ لاشاري ، امداد لاشاري،  ھمت علي ميراڻي ، رياض سميجو ، غفار خانزادو ، مختيار زرداري گولو غلام حسين جانوري سميت وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪري شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي  غازي خان سولنگي،صابر حسين راڌڻ راجا ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي سنڌ کي منظم سازش تحت ظالم سردارن ۽ جاگيردارن حوالي ڪيو ويو آهي،سنڌ ترقي پسند پارٽي سکر طرفان چيف آرگنائزر محمد علي شيخ جي اڳواڻي ۾ شھيد ناظم جوکيو جي ياد ۾ سکر پريس ڪلب آڏو سندس تصويرن اڳيان گل رکي ڏيئا۽ ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.