ڀارت وڏو ايئر ڊفينس سسٽم خريد ڪري ورتو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پابندين جي خطرن باوجود ڀارت روس کان جديد ايئر ڊفينس سسٽم ايس 400 دفاعي ميزائل جي خريداري ڪري ورتي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي عهديدار ٻڌايو آهي ته ايس 400 هوائي دفاعي ميزائل سسٽم جو پهريون يونٽ هلندڙ سال جي آخر ۾ ڀارت پهچي ويندو.

ڀارت ميزائل سسٽم جي خريداري جي لاءِ روس سان 2018 ۾ 5.5 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو هو.

روسي ميزائل سسٽم جي خريداري تي ڀارت آمريڪي پابندين جي وڪڙ ۾ به اچي سگهي ٿو، آمريڪا اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته ڀارت کي آمريڪي قانون CAATSA مان ڇوٽڪارو ملڻ جو امڪان ناهي.

گذريل سال ان قانون تحت آمريڪا ترڪي تي به لاڳو ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.