ڪشمور: گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالغني کوسو  جا استاد غير حاضر، احتجاج

 

ڪشمور  ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالغني کوسو  ۾ مقرر استاد غير حاضر هجڻ ڪري سوين ٻارڙن جو   ٻارن جو مستقل داءَ تي لڳي ويو.

ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي عبدالسلام کوسو، مراد بخش کوسو، حافظ امام بخش ملڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاج ڪندي چيو ته  اسڪول ۾ مقرر استاد گذريل ٻن مهينن کان اسڪول ناهن اچي رهيا

جنهن جي ڪري ٻارڙا روزانو اسڪول اچن ٿا  پر بنا تعليم پرائڻ جي واپس موٽي وڃن ٿا.

هنن چيو ته اسڪول ۾ استاد نه اچڻ جون شڪايتون ڪرڻ باوجود هن مهل تائين ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آهي، سنڌ جي وڏي، تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسڪول ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بڻائي تعليمي نظام کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.