گاڏين جو شوق رکڻ وارن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ماس ٽرانزٽ منصوبن کي بجلي جي گاڏين سان ليس ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

تفصيلن موجب توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته گذريل سال وفاقي حڪومت طرفان منظور ڪيل اليڪٽرڪ ويل پاليسي  جو ئي نتيجو آهي ته اسان ماس ٽرانزٽ کي اليڪٽرڪ وهيڪلز تي منتقل ڪرڻ ڏانهن وڌي رهيا آهيون.

هن چيو ته بي وائي ڊي جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو اليڪٽرڪ بس مينوفيڪچرر آهي، ان سيفائر گروپ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته اسٽار اپ پاڪستان موجب وفاقي ڪابينا گذريل سال 22 ڊسمبر تي پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي جي منظوري ڏني هئي.

ان پاليسي جي تحت پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪل مينوفيڪچرنگ يونٽس لڳايا ويندا ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون تيار ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.