ڪينجهر ڍنڍ ۾فشريز جي ڪارروائي، غيرقانوني ڄار هٿ

سونڊا (رپورٽ: ارشاد گندرو) ڪينجهر ڍنڍ ۾ غير قانوني ڄارن ذريعي مڇي جي نسل ڪشي ڪندڙن خلاف فشريز کاتي جي ڪاروائي، وڏي مقدار ۾ غير قانوني ڄارن سميت مڇي جو بڄ پڪڙيو ويو. ڊائريڪٽر فشريز انلينڊ حيدرآباد جي حڪم تحت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فشريز اسپيشل ٽيم جي اڳواڻ اقتدار حسين بروهي جي اڳواڻي ۾ فشريز انسپيڪٽر عاصم بلوچ، انسپيڪٽر اطهر لغاري، انسپيڪٽر عبدالحفيظ سومرو ۽ ٻي عملي سان گڏ ڪينجهر ڍنڍ ۾ مڇي جي نسل ڪندڙن خلاف ڪامياب ڇاپا هڻي وڏي مقدار ۾ سنهي مڇي مارڻ وارا ڄار ۽ وڏي تعداد ۾ مڇي جو ٻج پڪڙيو.جنهن کي واپس ڍنڍ ۾ ڇڏيو ويو ۽ غير قانوني ڄار پنهنجي تحويل وٺي ڇڏيا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فشريز اقتدار بروهي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ مڇي جي نسل ڪشي ڪرڻ جي ڪنھن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين، جيڪو ماهيگير قانون جي خلاف وزي ڪندو ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.