راڻيپور مان ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

راڻيپور(ن ع آ) درازا شريف قومي شاهراهه تي سچل سر مست گيٽ سامھون تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو. جنھن جي نتيجي ۾ ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنھل سولنگي جو رھواسي 16 ساله نوجوان سهيل سولنگي ولد منور حسين سولنگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سندس ڀاءُ عاشق حسين سولنگي شديد زخمي ٿي پيو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي لاش ۽ زخمي فوري طور تي راڻيپور جي رورل ھيلٿ سينٽر کڻائي پهچايو ويو.جنھن بعد فوتي نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي کي فسٽ ايڊ ڏيڻ بعد گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي نوجوان ڪنڊيارو کان درگاھ حضرت سچل سرمست تي حاضري ڀرڻ جي لاءِ آيل هئا. جيڪي واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا.جڏهن ته حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور ونجهھ وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ناھي ٽرالر ڊرائيور ھٿ اچي سگھيو آھي. فوتيءَ جا وارث نوجوان جو مڙھ آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ آبائي ڳوٺ کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.