لاڙڪاڻي جيل جي قيدين وٽان منشيات بر آمد، ڪيس داخل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي سينيئر سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عرفان جمالي نالي همراهه قيدي وقار علي جمالي لاءِ ٻه بائيو آمله شيمپو جون بوتلون ۽ 12 پيڪيٽ سڪي کير جا پيڪيٽ روانو ڪيو پر ان وقت قيدي سيڪنڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ شهدادڪوٽ جي عدالت ۾ گناهه نمبر 2021/42 گناهه 9 سي اين ايس جي سلسلي ۾ ٻڌڻي تي ويل هو .جنهن جي واپسي تي سندس سامهون آيل سامان جي تلاشي ورتي وئي جتان شيمپو جي ٻن بوتلن مان 50 گرام چرس جا 8 ٽڪرا ۽ ننڍي کير جي ٽن پيڪيٽن مان 60 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. جاچ دوران قيدي وقار علي جمالي ٻڌايو ته اهو سامان سندس نالي تي قيدي علي محمد ڪلهوڙي گهرايو آهي بعد ۾ اهڙو ڪيس حد جي وليد ٿاڻي تي وقار جمالي ۽ علي محمد ڪلهوڙو مٿان گناهه نمبر 2021/137 قلم 9 اي سي اين ايس تحت داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ منجهند هڪ وڳي ڌاري يوسف علي ڏاهاڻي پنهنجي قيدي پيءُ قربان علي ڏاهاڻي جي لاءِ سامان ڏنو جنهن جي تلاشي دوران صابڻ جي ٻن عدد چڪين مان هيروئن ۽ چرس هٿ ڪري قيدي ۽ سامان موڪليندڙ يوسف علي ڏاهاڻي مٿان وليد ٿاڻي تي اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته جيل انتظاميه قيدين کي جيل مينوئل تحت هر سهولت فراهم ڪري رهي آهي ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيل جي ساک کي عوام جي نظرن توڙي قانون جي حڪمراني بحالي ڪيو وڃي ۽ ان دوران اهڙن واقعن کي قانون موجب سختيءَ سان منهن ڏئي اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي. اميد ته عملي جون اڻ ٿڪ ڪوششن سان جيل کي بهتري طرف آڻينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.