پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ معاهدو ناهي ٿيو: افغان پرڏيهي وزير

اسلام آباد(م ڊ)افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي عارضي پرڏيهي وزير امير خان متقي تصديق ڪئي آهي ته هو پاڪستانa ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان يعني ٽي ٽي پي وچ ۾ معاهدي لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته ان جي حڪومت ٻنهي ڌرين جي خواهش تي هن معاهدي ۾ ٽين ڌر طور ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته اڃا تائين حتمي معاهدو نه ٿيو آهي جڏهن ته شروعات تمام سٺي ٿي آهي. معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ هڪ مهيني تائين فائر بندي تي اتفاق ڪيو آهي. ٻئي ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڳالهيون جاري رکيون وڃن، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي هڪ سٺو قدم آهي ۽ هو پرُاميد آهي ته ان سلسلي ۾ اڳتي به ڪي مشڪلاتون پيش نه اينديون. هن ان توقع جو پڻ اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ويجهڙائي وڌندي. هڪ سوال جي جواب ۾ امير خان متقي جو چوڻ هو ته داعش خطرو ته آهي، هن چيو ته ماسڪو ۾ ٿيل ملاقاتن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اسان جڏهن اسان ماسڪو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ته اتي انڊيا پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جا نمائنده موجود هئا ۽ اتي مثبت ڳالهيون ٿيون، اسان اميد رکون ٿا ته اسان ڪنهن به ملڪ جي مخالفت نه ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.