دريا خان مري: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن قتل

دريا خان مري ۾ هٿياربندن گوليون هڻي پيرسن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

دريا خان مري ڀرسان مراد شاھ بخاري چوڪ تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار ھٿيار بندن فائرنگ ڪري ڳوٺ ميرانپور جي رھواسي 55 ورهين جي رٽائرڊ پرائمري استاد خالد حسين پلھه  کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل پيرسن جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري منتقل ڪيو جتا لاءِ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگھو ۽ ئي ڪا  گرفتاري عمل ۾ آهي، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته خالد پلھ کي مبيجا برادري جي غلام سرور ، شڪيل مبيجو ۽ ٻين گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.