شهيد خالد محمود سومري ڪيس ۾ شاهد جو بيان رڪارڊ

سکر(رپورٽر) شهيد ڊاڪٽر سينيٽر علامه خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران ڪيس جي هڪ سرڪاري گواهه پوليس اهلڪار جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻڌڻي دوران فريادي ڌر پاران مولانا طاهر محمود سومرو، ايڊوڪيٽ اطهر عباس سولنگي، سيد حمدالله شاهه، مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ عبدالحميد مهر ۽ ٻين گواهه عدالت ۾ پيش ٿيا. ياد رهي ته جي يو آءِ اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر جي علائقي قريشي ڳوٺ ۾ مسجد ۾ نماز دوران شهيد ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.