گئس جو بحران ۽ عوام جا اهنج

توانائي جي وزير حماد اظهر ملڪ ۾ گئس جي بحران پيدا ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي، بدقسمتي سان ڳچ عرصي کان اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته حڪومت جا وزير مشير رڳوڪنهن نه ڪنهن مسئلي جي نشاندهي ڪري عوام کي ان بابت اگاهي ڏئي سمجهندا آهن ته شايد سندن اهو هڪڙو ئي ڪم آهي ته هو اهڙو اطلاع ڏئي ڇڏين.دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اهڙي نوعيت جي ڪنهن به مسئلي پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ اتي جا وزير توڻي حڪمران لاڳاپيل معاملي جو ڪو مناسب ۽ جوڳو حل پڻ ڳولي وٺندا آهن پر اها سڌريل ملڪن جي حڪومتن جي ڳالهه آهي، جتي هر حال ۾ حڪمران عوام ڏانهن جوابده هوندا آهن. سو ٽيون ڏينهن ايوان ۾ گئس جي معاملي تي ٿيندڙ بحث دوارن واسطيدار وزير اسان کي آگاه ڪري سمجهيو ته هن پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي.

سرڪاري نمائندي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ گئس جو بحران شديد ٿي ويو آهي، ان سنگيني کي نظر ۾ رکندي عوام کي اطلاع ڏنو ويو آهي ته ان بحران جي ڪري گئس لوڊ مينيجمينٽ پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن موجب عوام کي سياري جي مند ۾ صرف ٽي ويلا ماني تيار ڪرڻ جي لاءِ گئس فراهم ڪئي ويندي، جنهن دوران  ماڻهون پنهنجي لاءِ ماني تيار سگهندا. مقرر وقت کانپوءِ گئس بند هوندي، ان جي لاءِ هڪ عمومي وقت ته ٿي سگهي ٿو پر عوام سان ڪيل اهڙي چرچي ڀوڳ سان ٻيا به ڪيترا ئي چرچا جنم وٺي سگهن ٿا، ايئن به ٿي سگهي ٿو ته چانهن پوري نه ڪڙهي سگهي جنهن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ وري ٻي شفٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ماني جو هڪڙو پاسو پچي وڃي پر ٻيو پاسو وري ڪچو هجي، يا وري ايئن پڻ ٿي سگهي ٿو ته ٻوڙ ته تيار ٿي ويو هجي، پر ماني نه پچي سگهي جيڪا ان بحران دوران ڪنهن تندور تان پچرائڻ پڻ ممڪن نه هوندو، جيڪا به صورتحال هجي اوهان سان  هن نئين ۽ بدليل پاڪستان ۾ اهڙاڀوڳ ۽ چرچا ٿيڻا آهن.

سرڪار جي ڏنل اگاهي موجب  ان گئس لوڊ مينيجمينٽ پلان  تحت سنڌ ۾ سياري جي موسم ۾ هفتي ۾ ٽي ڏينهن سي اين جي ،اسٽيشنون بند رکيو وينديون، ان سلسلي ۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گهريلو صارفين جي ڀيٽ ۾ ڀاڻ جي فيڪٽرين ۽ توانائي سڪيٽر کي بنا  رنڊڪ جي گئس جي فراهمي جاري رهندي.سمجهڻ جي لاءِعوام ڀلي اهو سمجهي ته اهڙي سموري بندش  جي رٿا شايد توانائي سيڪٽريا ڀاڻ فيڪٽرين کي رواني سان گئس جي فراهمي جي لاءِ جوڙي وئي آهي،

سينيٽ جي ايوان ۾ ٿيل بحث دوران سرڪار ايوان کي آگاه ڪيو ته بلوچستان 40 سيڪڙو ،سنڌ 38 سيڪڙو ،ڪي پي ڪي 12 سيڪڙو ۽ پنجاب 8 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿي. هن کان اڳ اهو چيو ويو هو ته سنڌ 70 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿي پر اوچتو سرڪاري اعلان ۾ سنڌ جي طرفان مهيا ٿيندڙ گئس جو حصو گهٽ هئڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي، ان دوران ئي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سنڌ مان گئس جا ذخيرا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن، ڪجهه ئي سالن ۾ سنڌ کي پڻ پنهنجي ضرورت جي پورائي جي لاءِ گئس خريد ڪرڻي پوندي. جنهن جو هڪڙو مطلب اهو به ٿئي ٿو ته سنڌ جي گئس جي ذخيرن تي وڌيڪ بار پئجي رهيو آهي.

ملڪ ۾ گئس جي بحرابن بابت بحث دوران اپوزيشن  سرڪاري ڪارڪردگيءِ تي شديد تنقيد ڪندي ان بحران لاءِ سرڪاري پاليسين کي ذميوار قرار ڏنو.سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ هو ته موجوده سرڪار گئس اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام تي وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته گئس جا اگهه 300 سيڪڙو وڌايا ويا آهن جنهنڪري عام ماڻهون پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. شري رحمان اهو به چيو ته گرمين جي موسم ۾ سي اين جي خريد نه ڪرڻ ۽ سياري ۾ خريد ڪرڻ سان سرڪاري خزاني کي ڏهه کرب جو نقصان ٿيو آهي.

سرڪاري نمائندي ايوان کي ٻڌايو ته گئس لوڊ مينيجمينٽ پلان هيٺ اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ سياري جا ٻه مهينا جنوري ۽ ڊسمبر ۾ گاڏين جي لاءِ گئس مڪمل بند ڪري ڇڏبي.

سرڪار جي نمائندي اهي اطلاع ڏئي ڪري پنهنجو ڪم پورو ڪيو ۽ غريبن تي گئس بحران جي بار ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو،

پاڪستان جي اڪثر وڏن شهرن ۾ عوام ٻارڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ اها ئي قدرتي گئس استعمال ڪري ٿو، اهو ئي ماحول دوست ٻارڻ پڻ تصور ڪيو وڃي ٿو پر هاڻي جنهن بحران جو خوف ڏياريو پيو وڃي اهو ڪو رات وچ ۾ ته پيدا نه ٿيو هوندو، بنا ڪنهن حساب ۽ ليکي چوکي جي قدرت پاران ڏنل هن اهم تحفي سان اسان ئي اهڙي ڪار ڪئي هوندي، ۽ اهو عمل اهستي آهستي وڌيو هوندو، هڪڙو خيال اهو آهي ته ملڪ ۾ اندسٽريز کي گئي تي منتقل ڪرڻ ۽ ان کانپوءِآٽو موبائل جي شعبي کي به گئس تي منتقل ڪرڻ کانپوءِ جنهن بي رحمي سان گئس جو استعمال ٿيو ان سان ئي بحران پيدا ٿيو آهي. جنهن جي لاءِ سرڪار کي ان جي تدارڪ جي لاءِ اهڙي رٿابندي ڪرڻ گهرجي ها جو معاملو بحران جي صورت اختيار نه ڪري ها.

هاڻي به سرڪار ته اهو ئي ٻڌائي رهي آهي ته انڊسٽريز سيڪٽر کي گئس جي فراهمي بنا ڪنهن روڪ جي جاري رهندي. هئڻ ته ايئن گهرجي ته عوام کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ انڊسٽريز سيڪٽر جي فراهمي روڪي عوام کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي گئس جي سپلاءِ ڏيڻ گهرجي .عوام جي ووٽن سان چونڊيل سرڪار مان عوام  اهڙي ئي اميد رکي ٿو.

اها توقع ڪجي ٿي ته حڪومت هن اهم بحران دوارن عام ماڻهو جو احساس ڪندي ڪا مناسب حڪمت عملي جوڙيندي جنهن سان 22 ڪروڙ ماڻهن جا چُلها نه وسامندا، هر شهري کي پنهنجي گهر  جو کاڌو نصيب ٿيندو. ٻي صورت ۾ ان بحران جي ڪري عام ماڻهون  کي پنهنجي کاڌي پيتي جي نعم البدل بندوبست ڪرڻ سان هن جي بجيٽ تي وڌيڪ بار پوندو، جيڪو ان ڪري به گهڻو ڏکيو آهي جو  هن ئي حڪومت ايتري مهانگائي ڪري ڇڏي آهي جو هاڻي عوام ان جي سٽ سهڻ جي پوزيشن ۾ رهيو نه آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.