منهنجي وزيراعظم بڻجڻ سان ڪو پهاڙ نه ڪرندو: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽر) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نه وزير اعظم ٿيڻ جو شوق آهي ۽ نه ئي وري منهنجي وزير اعظم بڻجڻ سان ڪو پهاڙ ڪري پوندو! منهنجو شوق صرف ملڪ، پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ آهي، هن چيو ته پ پ نه ڪڏهن مخلوط حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي نه ئي وري مخلوط حڪومت ٺاهي رهي آهي، اپوزيشن کي هڪ پيج تي آڻڻ جو ڪريڊٽ منهنجو نه پر سڀني جو آهي، هاڻي اپوزيشن پارليامينٽ ۾ پنهنجي قوت کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن چيو ته حڪومت قانونسازي جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسپيڪر سان ويهي ڪري ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، هن چيو ته مسلم ليگ ۾ 2 ڌڙا نه آهن آءُ جمهوريت جو حامي آهيان اپوزيشن ۾ غلط فهميون دور ٿينديون پيون وڃن، هن چيو ته لانگ مارچ ته پري جي ڳالهه آهي، ان کان اڳ ئي هن حڪومت جو ڪم ٿي ويندو، ان هائوس تبديلي يا چونڊن بابت هن وقت ڪجھ نٿو چهي سگهان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.