نيب جي سمورن ڪوڙن ڪيسن جو خاتمو اڻٽر آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب جي سمورن ڪوڙن ڪيسن جو خاتمو اڻٽر آهي، بلاول ڀٽو خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه جي ضمانت منظور ٿيڻ تي کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته ظلم جون زنجيرون ٽٽي رهيون آهن، نيب گردي ڀت سان وڃي لڳندي، هن چيو ته فرخ شاهه کي نيب جي ڪوڙي ڪيس مان ضمانت ملي آهي، اهڙا ٻيا ڪوڙا ڪيس به جلد ختم ٿي ويندا.هن چيو ته خورشيد شاهه ۽ گهر ڀاتين کي نيازي حڪومت سياسي انتقام جو نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته سليڪٽيڊ حڪومت کان سموري ظلم جو حساب ايندڙ چونڊن ۾ وٺنداسين، جواب ايترو پري ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.