براهمداغ، حربيار کي پاڻ وڃي پرچائيندس: عبدالقدوس بزنجو

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي)بلوچستان جو وڏو وزير ميرعبدالقدوس بزنجو ۽ صوبائي وزير صالح ڀوتاڻي جي حب آمد تي جي يو آءِ اڳواڻ،ايم پي اي مکي شام لال لاسي جي قيادت ۾ لسٻيلي مان آيل اقليتي برداري سندن شاندار آجيان ڪئي ،گلن جي ورکا ڪري اجرڪن جا تحفا ڏنا، ارجن ڪمار،روي ڪمار ۽ رام لال سوينئر پيش ڪيا، تقريب کي خطاب ڪندي مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته عوامي خدمت جي جذبي سان آيا آهيون، بلوچستان جي عوام کي سهولتن جي فراهمي ترجيح آهي، حب ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو، هن چيو ته ليڊا جي انفراسٽرڪچر لاءِ 80 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏندي ويندي، هن چيو ته جلد ئي سرحد کان واپار شروع ٿي ويندو، ناراض بلوچن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اسان ساڻن هر سطح تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اسان انهن کي دعوت ڏيون ٿا ته اچو گڏجي بلوچستان جي ترقي لاءِ اسان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهو، ان موقعي تي ايم ڊي ليڊا ڪيپٽن(ر) فرخ عتيق اداري جي حوالي سان کيس بريفنگ ڏني،هوڏانهن هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عبدالقدوس بزنجو چيو ته براهمداغ بگٽي،مير حربيار مري ۽ ٻين ناراض بلوچ اڳواڻن کي پرچائڻ پاڻ ويندس، هٿياربند بلوچ هٿيار ڦٽا ڪن ته رياست کين معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ناراض بلوچن کي پرچائڻ لاءِ سڀ ڪجهه وساري سڀني کي ڳلي لڳائڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته ڄام ڪمال جي دور ۾ به صوبي جون حالتون بهتر نه هيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.