پراڻي سکر مان 2 نوجوان اغوا،وارث پريشان

سکر(رپورٽر) سکر جي علائقي پراڻي سکر ۾ ٻه نوجوان مبينا طور اغوا، اغوا بعد وارث پريشان، حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل، پوليس پاران نوجوان جي ڳولها جاري، خبر موجب: سکر جي علائقي پراڻي ٺانگه اسٽينڊ جا رهائشي ٻه سڳا سئوٽ 15 سالن جو ياسر ۽ 16 سالن جو عادل شيخ  گذريل ڏينهن گهر مان پراسرار طور تي  لاپتا ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ وارثن بابت حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ باوجود نوجوان جو هن وقت تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، ان ڏس ۾ نوجوانن جي چاچي سمير احمد شيخ جو چوڻ آهي ته نوجوان ٽانگه اسٽينڊ کان پيادل گهر لاءِ نڪتا هئا جيڪي هاڻي تائين گهر ناهن پهتا، هن چيو ته هڪ نوجوان جو فون رات کليل هو جنهن تي ڪال به وڃي رهي هئي پر هاڻي اهو نمبر به بند ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.