سلمان خان تيلگو سينيما لاءِ تيار، چرن جيوي سان گڏ ڊانس ڪندو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جو ناليوارو اداڪار سلمان خان هاڻي پهريون ڀيرو تيلگو سينيما ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جتي هو فلم ”گاڊ فادر“ ۾ نظر ايندو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب موسيقار ايس ٿمن تصديق ڪئي آهي ته سلمان خان ڏکڻ ڀارت جي فلم گاڊ فادر ۾ ڪم ڪندو.

ٻڌايو پيو وڃي ته سلمان خان فلم ۾ چرن جيوي سان گڏ هڪ گاني ۾ ڊانس ڪندي به نظر ايندو.

واضح رهي ته سلمان خان پهريون ڀيرو تيلگو سينيما ۾ نظر ايندو.

ايس ٿمن ٻڌايو ته سلمان خان ۽ چرن جيوي گڏ ڊانس ڪندي نظر ايندا جيڪو اسان جي لاءِ وڏو موقعو آهي.

ان سان گڏ هن ان ڳالهه جو به اشارو ڏنو ته سلمان خان سان گڏ ان فلم ۾ مشهور آمريڪي گلوڪارا بريٽني اسپيئر به نظر ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.