سکر ۾ بجلي چوري ۽ لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاج

سکر( رپورٽر) سکر جي ڳتيل آبادي واري علائقي نئون ڳوٺ، پٺاڻ پاڙي ۾ سيپڪو طرفان ڪنڊا لڳرائي بجلي چوري ڪرائڻ ۽ بجلي جي بدترينلوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف شھرين طارق خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين ڌرڻو ھڻي سيپڪو جي راشي ۽ بدعنوان ملازمين خلاف زوردار نعريبازي پڻ ڪئي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته  موسم سرد ٿي وڃڻ باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جنھن ڪري وڏي عرصي کان رھواسي سخت پريشان آھن.ھنن مطالبو ڪيو ته سيپڪو عملي خلاف ڪارروائي ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.