تنگواڻي ڀرسان زمين جي مالڪي تان ڇڪتاڻ، احتجاج

تنگواڻي(ن ع آ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي ڳوٺ صحبت گولو ۾ کوسه برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان ڇڪتاڻ احتجاج ان موقعي تي ڳوٺاڻن بابل کوسو، سعيد کوسو،۽ ٻين چيو ته سکر کان شفيق کوسه، امير بخش کوسه ھٿياربند ساڻ ڪري منھنجي گھرن ۽ زمين زبردستي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، اسين ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪريون ٿا ته ھنن خلاف ڪاروائي ڪري مون انصاف ڪيو وڃي،ٻئي طرف شفيق کوسه،امير بخش کوسه رابطي ڪرڻ ٻڌايو اسان جو زمين ابن ڏاڏن ملڪيت آھي اسان پنھنجي زمين کي آباد ڪرڻ آيا آھيو مخالف غلت الزام ھڻي رھيا آھن،جاچ ڪري زمين تان قبضو ڇڏرائي انصاف ڪيووڃي.

  • نئين ڳوٺ لڳ نينگر کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

نئون ڳوٺ ( ن ع آ) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ عبدالحڪيم ڍلو ۾ 12 ورھين جي نينگر عقيل احمد ولد عبدالحڪيم ڍلو کي ڇتي ڪتي منھن ۾ چڪ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي وارث ويئڪسين ڪرائڻ لاء تعلقه اسپتال ميھڙ کڻي ويا جتي ڊاڪٽر اسپتال ۾ ڪتي جي ڏاڙھيل کان بچاء جي ويئڪسين نه ھجڻ ڪري کين دادو اسپتال رفر ڪري ڇڏيو

  • جهڏي ۾ آبادگارن جو پاڻي لاءِ ڌرڻو

جهڏو (ن ع آ) جهڏو جمڙائو ڪئنال جي مين تيل بگي مائينر شاخ جو پاڻي غير قانوني بند ڪرڻ خلاف ٽيل آبادگار ايسوسئيشنجي سڏ تي آبادگار اڳواڻ جليل انڙ اياز کوسو اياز رضوي ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو اسماعيل مغيري جاني ڪبوه جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن بئنر ۽ شيٽون کڻي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال خلاف شديد نعريبازي ڪئي ريلي شھر جي مختلف روڊن تان گشت ڪندي جڏهن نيشنل بئنڪ چوڪ پهتا ت ڪارڪنن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ايف او چيئرمين جليل انڙ ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو اياز کوسو اياز رضوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ت ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ڪرپٽ آهي جنهن ڪڻڪ جي پوکي جي سيزن ۾ بنا جواز پوڇڙين جو پاڻي بند ڪري ڪربلا جي يزيدن جو تسلسل ورجايو آهي سسٽم ۾ پاڻي موجود آهي ڪا ب کوٽ ڪونهي صرف منڊ جي بااثرن کي خوش ڪرڻ لاءِ بگي مائينر جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سب هزارين ايڪڙ ڪڻڪ جون تيار ٿيل ٻنيون بيابان ٿي ويون آهن. پوکيل فصل ڪڻڪ سرنهن تماٽر بصر سڪي ختم ٿي ويا آهن آبادگارن جا ڪروڙين رپيا ٻڌي ويا آهن آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن هنن مطالبو ڪندي چيو ت ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي برطرف ڪري بگي مائينر جو پاڻي بحال ڪيو وڃي هنن اعلان ڪندي چيو ت 13 نومبر ڇنڇر ڏينهن مٺي ميرپورخاص روڊ تي مطالبن جي  مجتا تائين ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جهڏو نئوڪوٽ ۾ ستربند هڙتال ڪئي ويندي.

  •  اڪري چودڳي لڳ منشيات  فروش گرفتار، شراب هٿ

اڪري چودڳي (ن ع آ) اڪري پوليس منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪندي کنياري شهر مان منشيات فروش محمد اسماعيل ٻانڀڻ کي 25 ليٽر ڪچي شراب جي ڪٽي سميت کيس گرفتارڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.