بٺوري ۾ڌارين جا ووٽ داخل، اليڪشن ڪمشنر پهتو

ميرپوربٺورو(ن ع آ) ميرپور بٺورو ۾ داخل جعلي ووٽن واري معاملي کانپوءِ ضلعي اليڪشن ڪمشنر بٺوري پهتو، وارڊ نمبر هڪ ۾ پٺاڻن جي ووٽ داخل هئڻ واري انڪشاف کانپوءِ ووٽ جي تصديق لاءِ گهر گهر تصديق جو فيصلو، ٽي اي او بٺورو جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ۾ پٺاڻن سميت غير مقامي ماڻهن جي سوين جعلي ووٽ داخل هئڻ بابت مقامي نوجوانن جي شڪايت بعد ضلعي اليڪشن ڪمشنر سجاول خالد حسين لنڊ ميرپوربٺورو پهتو ۽ ووٽن جي چڪاس ڪندڙ عملي سان ملاقات ڪري صورتحال جو جائزو ورتو، انهي سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جعلي ووٽن بابت درخواست ڪندڙ سماجي ورڪر سليمان کٽي ٻڌايو ته ضلعي اليڪشن ڪمشنر ميرپوربٺورو پھچي ووٽن جي چڪاس ڪندڙ لاڳاپيل عملي سان گڏجاڻي ڪري ووٽر لسٽون چڪاسي ڏٺيون جنھن ۾ ڌارين ۽ غير مقامي پٺاڻن سميت وارڊن ۾ نه رھندڙ ڪيترين ئي ذاتين جا ووٽ ظاھر ڪيا ويا، ڊگھي بحث مباحثي کان پوء اھو طئي ٿيو ته ووٽن جي گھر گھر چڪاس ڪئي ويندي جڏھن ته جيڪي غير مقامي ووٽ داخل ٿيل آھن انھن کي غير تصديق ڄاڻائي وارڊ مان خارج ڪيو ويندو اھو سمورو چڪاس وارو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوء تصحيح ٿيندڙ ووٽر لسٽون ڊسپلي سينٽر تي عام ڪيون وينديون جيڪي پڻ چڪاسيون وينديون جيڪڏھن ان ۾ به ڪي غير مقامي ووٽ ايندا ته اھي پڻ خارج ڪيا ويندا هن وڌيڪ ٻڌايو ته ووٽر لسٽن جي چڪاس دوران پٺاڻن جا ڪٽنب جيڪي ووٽر لسٽ ۾ داخل ٿيل آھن اھي ديوان شوگر ملز تي رھندڙ ٻڌايا وڃن پيا اھڙي انڪشاف کان پوء اتان جي عملي کي پڻ خبردار ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.