پي ٽي آءِ ميمبر ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي ڳولي رهيا آهن: آفتاب شيرپائو

اسلام آباد (م ڊ) قومي وطن پارٽي جي مرڪزي چيئرمين آفتاب شيرپائو دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ ميمبر ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي ڳولي رهيا آهن. چارسده ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آفتاب شيرپائو چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ عوام پراڻو پاڪستان نئين پاڪستان کي ڏيکاريندو، اسان کي متحد ٿي حڪومت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي ڳولڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. قومي وطن پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڌانڌلي جي منصوبابندي ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته هو بنا ڪنهن مداخلت جي شفاف چونڊون چاهين ٿا، عمران خان کي عوام ناهي چونڊيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.