نوابشاهه: ايس ٽي پي پاران شهر ۾ منشيات جي وڪري خلاف علامتي بک هڙتال

نوابشاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شهر ۾ منشيات جي وڪري خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ڪارڪنن پاران شاھنواز ڪيريو، لطيف راھو، سيد رستم شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيفي شيراز چوڪ تي منشيات جي وڪري خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته منشيات جي خاتمي لاءِ مسلسل مختلف علائقن ۾ احتجاج ڪري رھيا آھيون پر پوليس منشيات جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهي، منشيات جو ڪاروبار پوليس جي سرپرستي ۾ سرعام ھلي رھيو آھي جنھن سبب نوجوان نسل تباھه ٿي رھيو آھي.

هنن چيو ته نوابشاهه پوليس ۽ انتظاميا منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو آهي ته شھر مان منشيات جو خاتمو آڻي نوجوان نسل کي بچايو وڃي ۽ منشيات جا اڏا ھلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.