ڀانن ۾پاڻي کوٽ جو وڏي وزير پاران نوٽيس،دائم شاخ جا دروازا کوليا ويا

ڀان سيدآباد ( ن ع ) ڀان سيدآباد جي شاخن ۾ زرعي پاڻي جي مسلسل کوٽ ۽ آبادگارن جي احتجاج جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاه نوٽيس ورتو آهي. وڏي وزير جي هدايتن تي چيف انجنيئر آبپاشي سيد سردار علي شاه پير شاخ تي پهتو جتي آبادگار اڳواڻ منظورجمالي، اختر جمالي سميت ٻين سان ملاقات ڪري آبادگارن جا مسئلا معلوم ڪيا.آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر سيد سردار شاه جي موجودگي ۾ دائم برانچ جا دروازا کوليا ويا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف انجنيئر لاڙڪاڻو سيد سردار شاه چيو تہ پيرشاخ تي عارضي طور تي آبپاشي آفيسرن ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي، پڇڙي تائين پاڻي پهچائينداسين، وارابندي سسٽم ختم ڪري سمورين شاخن کي پاڻي فراهمي شروع ڪئي آهي، جتي جتي پاڻي چوري ٿيندو انهن خلاف ڪاروائي ٿيندي، پائيپن ذريعي پاڻي چوري روڪرائي آهي، پاڻي چورن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو، هوڏانهن دائم برانچ، دل شاخ، اڪتڙ شاخ، ڀان مائينر تي آبپاشي عملي پاران غيرقانوني واٽرڪورسن ۽ پائيپن خلاف آپريشن ڪندي ڪيترائي غيرقانوني پائيپ بند ڪرايا ۽ پوليس کي پاڻي چورن خلاف ايڪشن لاء قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

  • مبارڪپور لڳ حسنين ٽريڊرز ۽ زرعي ڪمپني پاران سيمينار

مبارڪپور ( ن ع آ) مبارڪپور ڀرسان حسنين ٽريڊرز ۽ زرعي ڪمپني ايف ايم سي پاران ياسر شادي ھال ۾ ڪڻڪ، ٽماٽر ۽ گدري جي فصلن جي بھتر پيداوار بابت سيمينار منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ مرزان پل، ميان صاحب، ميرپورٻرڙو، جاڙا واھ ، ڀٽي اسٽاپ ۽ مبارڪپور جي آبادگارن شرڪت ڪئي ، سيمينار ۾ ايف ايم سي جي آفيسرن اختر فرٽيلائيزر ھيڊ پاڪستان, سجاد حيدر  سينئر بزنس مينيجرسنڌ، طارق حسين جتوئي ڊولپمينٽ مئنيجر، علي حسن مستوئي زونل مينجر شڪارپور ۽ آفاق احمد سرڪي خطاب ڪندي ٻڌايو ته فصلن مان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ نج ٻج جي چونڊ، وقت تي خوراڪ ۽ معياري ڪمپنين جا پراڊڪٽ استعمال ڪرڻ سان ئي بھتر پيداوار ممڪن ٿي سگھي ٿي. سيمينار ۾ موجود ايف ايم سي جي زرعي ڊاڪٽر بلال ٻڌايو ته ميرپور ٻرڙو مبارڪپور ۽ ٺل  جي اڪثر زمينن جي پي ايڇ ليول وڌيڪ ھئڻ ڪري به فصلن جي پيداوار متاثر ٿئي پئي آبادگارن کي گھرجي ته زمين جي مٽي چڪاس ڪري پوءِ  ڀاڻ استعمال ڪن.

  • شادي پلي ۾ ڊيلرن جي هڪ هٽي،ڀاڻ جي اگهن ۾ ٻيڻ تي اضافو

شادي پلي( ن ع آ  ) شادي پلي ۾ فرٽيلائز ڊيلرن ۽ واپارين جي هڪ هٽي قائم هئڻ ڪري ڀاڻ جا اگھ چوٽ ڇڙهي ويا آهن ۔ جنهنڪري آبادگار توڙي هاري سخت پريشاني ۾  مبتلا ٿي ويا آهن  ۔ ڀاڻ ڊيلرن توڙي ننڍن واپارين ڀاڻ جا من پسند هٿ ٺوڪيا اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۔  ڀاڻ ڊيلرن ۽  واپارين تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو سبب ڄاڻائي في ٻوري تي 500 کان 1200 سو روپين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي ۔ ڪجھ ڏينهن پهرين ست هزار روپين ۾ وڪامجندڙ ڊي اي ڀاڻ جي  في ٻوري ساڍا ست هزار روپيا ٿي وئي ۔ يوريا  ڀاڻ جي ٻوري 1800 سو روپين مان وڌي 3 هزار روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي ۔ان کان علاوه امونيم نائٽريٽ ۽ ايس ايس پي ڀاڻ جا اگه به چوٽ چڙهي ويا آهن  ۔ جنهنڪري آبادگار طبقو سخت ڳڻتي ۾ ورتل آهي ۔  ان ڏس ۾ هتان جي آبادگارن گل محمد بلوچ ۔  لڇمڻ ڪولهي ۔  چاڪر خان ۔ عبدالطيف بلوچ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو  ته سموري ملڪ جو دارو مدار زراعت تي آهي پر موجوده حڪومت هٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي تباه ڪري رهي آهي ۔ ڪمند ۔ وونئنڻ ۔ بصر ۔ سارين ۽ مرچ جهڙن فصلن جو مناسب اگه نه ملي سگهيو مٿان وري اوچتو ڀاڻ جا اگھ چوٽ چڙهي ويا آهن ۔ جنهنڪري اسان ننڍا آبادگار توڙي هاري سيٺن جا مقروض بڻجي ويا آهيون. ۔ هنن چيو ته جديد ٽيڪنالوجي جي بنياد تي فصلن جي پوکائي نقلي ٻج ۽ ڀاڻ سميت وڌيڪ اپت اپائڻ بابت زرعي ڄاڻ نه ملڻ ڪري آبادگار وڏي عرصي کان سٺين جي غلط مشورن تي فصل جي پوکائي ڪري پنهنجو پاڻ ڦرائي رهيا آهن ۔ وقت سر پاڻي نه ملڻ نقلي ٻج ۔ ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي وڪري زراعت کي تباه ڪري ڇڏيو آهي  ۔ هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آباگار توڙي هاري جي پوکائي کان فصل جي لهڻ تائين ڏينهن رات محنت جو مناسب اجورو نه ملڻ ڪري سنڌ جي زراعت تباهي ڪناري اچي پهتي آهي ۽ مٿان وري ڀاڻ جا اگه وڌڻ سبب آبادگارتوڙي هاري پريشان آهن ۔ زرعي حوالي سان مالا مال علائقي شادي پلي ۾ آبادگارن کي زمين جي تياري ۔ جنس جي چونڊ ۔ فصلن کي بيمارين کان بچاء ۔ نقلي ٻج ۔ڀاڻ ۽ دوائن بابت زرعي رهنمائي نه ملڻ ڪري زراعت ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو آهي ۔جنهنڪري سنڌ جي زراعت تباه ٿي وئي آهي ۔ پر ڪو پڇاڻو ڪرڻ  وارو نه آهي ۔ جنهنڪري آبادگار طبقو ٻڌ تر جو شڪار آهي ۔  هنن زراعت کاتي سميت ڊي سي عمرڪوٽ کان ترت نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

  • ٺارو شاهه ۾ وارا بندي نالي تي پاڻي بند، ڪڻڪ فصل متاثر، انجيئر خلاف مظاهرو

    ٺاروشاھ    ( ن ع آ ) ٺاروشاھ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جي وقت دربيلو شاخ کي وارا  بندي جي نالي تي بند ڪرڻ خلاف آباد گارن جو نيشنل پريس ڪلب ٺاروشاھ تي انجيئر شبير ڀٽو خلاف عابد ميتلو امان الله سيال، پنهل ٻرڙو، غلام مصطفي سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انجيئنر آبپاشي ڪنڊيارو ڊويزن شبير ڀٽي بااثرن ۽ وڏن آبادگارن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکائي جي ٽائيم تي واره بندي جي نالي تي دربيلو شاخ کي بند ڪري ڇڏيو آھي، جنهن مان ڊيٿا شاخ لاڙڪ شاخ ۽ سهڙا شاخ جو پاڻي به بند ٿي ويو آھي، جنهن سبب ڪڻڪ جي پوکائي ۾ سخت پريشاني ٿي رهئي آھي، شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ جي ڪري ٽيوب ويل هلائي پاڻي ورتو وڃي ٿو مگر مهانگائي  چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي، هڪ ايڪڙ تي هزارن رپين جو ڊيزل خرچ ٿئي ٿو اسان ننڊا آبادگار برداشت نه ٿا ڪري سڳهون، ٻن ڏينهن کان بند پيل دربيلو شاخ ايندڙ اڱاري جي ڏينهن کولي ويندي تيس تائين ڪڻڪ جي پوکائي جو ٽائيم چهڙي ويندو جنهن سان اسان جو لکن جي نقصان سان گڏ ڪڻڪ جي اپت ۾ به ڪمي اچي ٿي، جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او سب ڊويزن ٺاروشاھ عبدالرحمان سومرو ٻڌايو ته منهنجي هٿ ۾ ناهي مٿان پاڻي بند آهي.

  •  

    ڪلوئي ۾آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

     

    ڪلوئي ( رپورٽ : نواز لنڊ ) ڪلوئي جي رڻ شاخ ڏيپلو مائنر جي آبادگارن جو اڄ اٺين ڏينهن به ٿر ڪول روڊ بلوچ آباد وٽ احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم آهي جتي پوڇڙي جي آبادگارن محمد عيسي لنڊ آدم لنڊ دادان لنڊ ويٺل آهن جتي اڄ رڻ شاخ ڏيپلو ٽيل ايسوسيئيشن صدر محمد عثمان هالو ۽ علي بهادر لنڊ وفد جي صورت ۾ پهتا انهي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي حصي جو پاڻي ايس ڊي او سري عام منڊ جي آبادگارن کي وڪرو ڪري رهيا آهنهنن چيو ته اهڙيون دانهون اسان ڊائريڪٽر مير پور خاص کي ڏنيون آهن پر ڪير نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن چيو ته هن واري گهڻن آبادگارن جو پاڻي جو وارو نه لڳو آهي جنهن ڪري فصل سڪي ٺوٺ بڻجي ويا آهن آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي هنن چتاءُ ڏنو ته ته جلد رڻ شاخ ڏيپلو مائنر جي پوڇڙي ۾ پاڻي ڏنو وڃي ٻئي صورت هي بک هڙتال ڪئمپ قائم رهندي ۽ اسان جلد بلوچ آباد وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين جنهن جو ذميوار آبپاشي عملو هوندو.

  •  

    بدين جي شگر ملن چمنيون نه ٻاريون،  آبادگار پريشان

    ماتلي (رپورٽ : علي حيدر شاهه ) انصاري شگر مل ماتلي سميت ضلعي بدين جي آرمي شگر مل بدين۽ باواني شگر مل تلهارنومبر جو مهينو اچڻ جي باوجود,پنهنجي ملن جون چمنيون نه ٻاريون آھن, ۽ شگرملون بند پيون آھن, مٿان وري ڪڻڪ جي سيزن پڻ اچي چڪي آھي,ڪمند جي بيهڻ ۽ زمين خالي نه ٿيڻ ڪري ھتان جو آبادگار وڌيڪ پريشان ٿي ويو آھي, ان حوالي سان ماتلي جي مشھور زميندار وڏيري حاجي محمد هاليپوٽو ۽ ٻين چيو ته ڪمند تيار آھي پر ملون بند پيون آھن, هنن وڌيڪ چيو ته هن وقت DAP جي ٻوري 9000 هزار ٿي وئي آھي, ڊيزل 150 رپيا في لٽر تي وڃي پهتو آھي, مزدوري کان وٺي کيڙي وغيره جا اگھ ٻيڻا, ٽيڻا ٿي ويا آھن, مٿان وري سنڌ حڪومت ڪمند جو في مڻ اگھ 250 رپيا مقرر ڪري آبادگارن کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آھي, هنن اهو به چيو ته رڳو اومني گروپ تي آبادگارن جا 25 ارب رپيا بقايا رهيل آھن جيڪي اڃان تائين آبادگارن کي نه مليا آھن, آخر ۾ ھنن حڪومت ۽ مل مالڪان کان مطالبو ڪيو ته آبادگارن کي رهيل پئسا هڪدم ادا ڪري,ڪمند جو في مڻ اگھ گهٽ ۾ گهٽ 400 رپيا في مڻ مقرر ڪري جلد ملون هلائي آبادگارن کي معاشي بحران کان بچايو وڃي.

     

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.