پنو عاقل لڳ 2 نوجوان ڀائر کنڀجي ويا، برادري ۽ سول سوسائٽي جو ڌرڻو

پنوعاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو )پنوعاقل لڳ خميس رات دير سان سکر کان ڳوٺ مريد واگھو ويندڙ 2 نوجوان ڀائر شفيق ۽ رحيم ولد اختيار واگھو نرڇ روڊ تي سوھڙي ڳوٺ وٽ پھتا ته ھڪ ڪار ۾ نامعلوم ماڻھون کنڀي کڻي ويا، وارثن جي مسلسل ڳولھا بعد خبر پئي ته کين کي اغوا ڪيو ويو آھي، سانگي ٿاڻي جي حد مان پراسرار نموني گم ٿيل جي وارثن واگھا برادري ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن قومي شاھراھ جي جانب واھ وٽ ڌرڻو ھڻي ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھاري ڇڏيون ۽ پوليس خاموشي سان روڊ بند ڪرڻ دوران ڀرپاسي جي ھوٽلن تي ويٺل رھي، ٽن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي پنوعاقل ۽ مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ او واگھا برادري جي ماڻھون کان ٻن ڏينھن جي مھلت وٺي روڊ کولرائي ورتو، ھوڏانھن ڌرڻي دوران پوليس جو چوڻ ھو ته پراسرار نموني اغوا ٿيلن  جو قوم پرست پارٽي سان واسطو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.