خيرپور۾پورهيت جو ڳوٺ نيڪالي ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاج

خيرپور (رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو) خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ٺري ميرواھ تعلقي جي ڳوٺ الله آباد جي رهواسي عبدالله شر پنهنجن گهروارين پٽ محمد حفيظ ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ۽ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڳوٺ جو رهواسي الھورايو شر ٻه مھينا اڳ پنهنجي موت مري ويو جنهن جو پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو ويو بعد ۾ هڪ منصوبا بندي تحت وڏيرو الله ڏنو شر ۽ رحم علي شر ڊاڪٽر رحم علي شر جي اوطاق ۾ جرڳو ڪري مونکي جرڳي ۾ ڳوٽ نيڪالي ڏئي منهنجي مورثي 8 جريب 19 گُهنٽا زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي عبدالله شر وڌيڪ ٻُڌايو ته جوابدار علي اصغر سپاهي ماجد علي ساجد علي خداداد طارق طاهر ۽ راشد شر جيڪي منهنجي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن منهنجي زمين تي قبضي کان پوء مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن مان مونکي جاني مالي خطرو آهي هن ٻڌايو ته الھورايو شر پنهنجي موت پاڻ مري ويو هو جرڳو ڪري مونکي ان جو قاتل قرار ڏنو ويو هن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جرڳو ڪندڙ جوابدارن ۽ منهنجي زمين تي قبضو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري مونکي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.