لاڙڪاڻي ۾ جڳهه مامري تان ڇڪتاڻ، گهرن تي چڙهائي، عورتن تي تشدد، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نور ڪالوني جي رهواسين لاڙڪاڻي جي اڳوڻي جيل سپريٽيڊنٽ لياقت پيرزادو خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سندس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي هوٽل هلائي پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت نادر سولنگي پنهنجي ڀائرن سڪندر علي، لطف علي، طارق علي، ڀائٽي برڪت علي، سئوٽ علي جان سولنگي ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل فيبروري مهيني جي 6 تاريخ تي ان وقت جي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيل سپريٽيڊنٽ لياقت پيرزادو کي 65 لک روپين عيوض 2 جڳهون وڪرو ڪري ڏنيون جنهن مون کي 46 لک روپيا ڏنا ۽ باقي 19 لک روپيا ايگريمينٽ جي ٻن مهينن دوران کيس ادا ڪرڻي هئي پر هن وقت تائين هن رهيل رقم 19 لک روپيا ناهن ڏنا جنهن ڪري مون مجبور ٿي ڪيل ايگريمينٽ جي لکت موجب ڪالھه پنهنجا گهرڀاتي ساڻ ڪري پنهنجي جڳهن ۾ وڃي ويٺو آهيان.هن الزام لڳايو ته گهرن ۾ ويهڻ کان پوءِ سينٽرل جيل لاڙڪاڻو جي اڳوڻي جيل سپريٽيڊنٽ جيل جو سمورو عملو توڙي پرائيويٽ ماڻهو ساڻ ڪري منهنجي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن مٿان تشدد ڪندي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اڳوڻي جيل سپريٽيڊنٽ لياقت پيرزادو خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن سينٽرل جيل لاڙڪاڻو جي اڳوڻي جيل سپريٽيڊنٽ لياقت پيرزادو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نادر سولنگي طرفان لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڄاڻايل جڳھه منهنجي پٽ زيغم علي پيرزادو ورتي آهي جيڪو سعودي عرب ۾ رهندو آهي، نادر سولنگي وارن گذريل رات اسان جي گهر مٿان چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي جنهن واقعي جو اطلاع اسان حد جي ڪنگا ٿاڻي تي پڻ ڏنو بعد ۾ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪري وئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته جڳھه تان ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.