ڪو خطرو ناهي، عمران خان 5 سال پورا ڪندو: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪا گيم شروع نه پئي ٿئي ۽ گيم رڳو عمران خان جي آهي، تنهن ڪري هو 5 سال پورا ڪندو.

سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سڀني مسئلن جي ذميواري گهرو وزارت جي ناهي، جڏهن اي پي ايس سانحي ۾ شهيدن جي وارثن جي درخواست ايندي ته ڪارروائي ڪنداسين.

هن چيو ته ڪا خطري جي ڳالهه ناهي، ڪا گيم شروع نه پئي ٿئي ۽ گيم رڳو عمران خان جي آهي، عمران خان جي حڪومت ڪامياب رهندي ۽ 5 سال پورا ڪندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اکين تي آهي، فيصلو حڪومت ۽ وزيراعظم تي به لاڳو آهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ جيڪو چوندي وزيراعظم ٻڌندو، ڇو ته سپريم ڪورٽ به جمهوريت جو حصو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.